گئنيميڊ (چنڊ)

مشتري ۽ نظام شمسي جو سڀ کان وڏو چنڊ

گينيميڊ (Gaynemede) مشتري جو وڏي ۾ وڏو چنڊ آھي ۽ اسان جي نظام شمسي جو پڻ وڏي ۾ وڏو چنڊ آھي. [1] ھي مشتري کان ستون نمبر ۽ ٽيون گليلين چنڊ آھي. گينيميڊ اسان جي نظام شمسي جو نائين نمبر تي وڏو جسم آھي. ھن جي قطر لڳ ڀڳ 5,268 ڪلوميٽر آھي. ھي 1.08 سيڪڙو مرڪري گرھه کان وڏو آھي. اسان جي چنڊ، لونر کان 0.41 سيڪڙو ۽ زحل جي چنڊ، ٽائيٽن کان 2 سيڪڙو وڏو آھي. گينيميڊ اھو اڪيلو چنڊ آھي جنھن کي پنھنجي مقناطيسي ميدان آھي.

گئنيميڊ
Ganymede
True-color image taken by the Galileo orbiter
گئلئليو خلائي جهاز، (Galileo orbiter) طرفان ورتو ويو (برعڪس وڌايو ويو آهي). ھلڪي مٿاڇريون، جھڙوڪ تازن اثرن ۾، ناريل زمينون ۽ اڇي اتر قطبي ڪيپ مٿئين ساڄي پاسي، پاڻيءَ جي برف ۾ ظاھر ٿيل آھن.
دريافت
دريافت ڪيو گئليليو گئليلي
دريافت ٿيڻ جي تاريخ 7 جنوري، 1610ع
نالي جي وضاحت
اضافي يا عارضي نالو جوپيٽر III
نالي جون صفتون گئنيميڊيئن
مدار جون وصفون
پيري ايپسس 10,69,200 ڪلوميٽر
ايپسس 10,71,600 ڪلوميٽر
اڌ وڏو محور 10,70,400 ڪلوميٽر
مدار جي بي قائدگي 0.0013 سيڪڙو
7.15455296 ڏينهن
مدار جي سراسري رفتار 10.880 ڪلوميٽر في سيڪنڊ
مدار ۾ لاٿ 2.214° (گرھڻ تائين) °0.20 (جپيٽر جي خط استوا ڏانهن)
قدرتي سيٽلائيٽ مشتري
طبعي وصفون
نيم قطر جي سراسري 2,634.1±0.3 ڪلوميٽر (ڌرتي جو %0.413)
سطح جي ائوري
(Surface aurie)
7^10×8.72 چورس ڪلوميٽر (زمين جو %0.171)
مقدار 10^10×7.66 ڪعبي ڪلوميٽر (زمين جو %0.0704) (حجم)
وزن 23^10×1.4819 ڪلوگرام (زمين جو %0.025) (ڪميت)
گھاٽائي 1.936 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
سطحي ڪشش ثقل 1.428 ميٽر في چورس سيڪنڊ
0.3105±0.0028 (اندازو)
2.741 ڪلوميٽر في سيڪنڊ
هم وقت ساز (synchronous)

گينيميڊ چنڊ جي ڪميت (Mass)، ٽائيٽن کان 10 سيڪڙو، ڪولسٽو کان 38 سيڪڙو ۽ IO کان 66 سيڪڙو وڌيڪ آھي. گينيميڊ پنھنجي گرھه مشتري کي 10,70,400 ڪلوميٽر جي مفاصلي کان چڪر ھڻي ٿو. ھي مشتري سان مڪمل طور ڳنڍيل آھي. زمين وانگي ھن تي به زلزلا يعني ٽيڪٽونڪ اڪٽيويٽي (Tectonic Activity) ٿيندي رھندي آھي جيڪو مشتري جي مضبوط ڪشش ثقل جي ڪري ٿئي ٿي.

گينيميڊ جو ڪو به وايو منڊل نه آھي. ھن جي مٿاڇري جي گرمي پڌ ڪاٽو 183 آھي. ھن جو 90 سيڪڙو مٿاڇرو پاڻياٺي برف سان ڍڪيل آھي. اھيو ظاھر ٿو ڪري ته ھن جي مٿاڇري واري برف جي ھيٺان پاڻياٺ ۾ پاڻي پڻ موجود ھوندو. برف جي مٿاڇري ڪري ھي زندگيء لاء ناقابل آھي پر ڪجهه ماھرن جو چوڻ آھي ته برف جي ھيٺ سمنڊن ۾ زندگي ٿي سگھي ٿي.

گينيميڊ 7.15 زميني ڏينھن ۾ پنھنجو ھڪ چڪر پنھنجي گرھه، مشتري جو ھڻي ٿو. سال 1996ع ۾ خلادانن ھبل ٽيلي اسڪوپ کي استعمال ڪندي ھي دعوا ڪيائون ته ھن کي بلڪل سنھي تھه جي آڪسيجن جو وايو منڊل آھي.

قديم تاريخ کان اسان اھيو خيال ڪندا آيا آھيون ته ھر شيء زمين جي چوڌاري چڪر ڪاٽيندي آھي. سج چنڊ ۽ ڪروڙين تارا اسان جي زمين کي ڦرندا آھن ۽ زمين انھن جو مرڪز آھي. اسان کي رڳو پنج گرھن جي خبر ھئي جن کي اگھاڙي اک سان ڏسي سگھندا ھئا سين. جن ۾ مرڪري Mercury، زھرہ Venus، مريخ Mars، مشتري Jupiter ۽ زحل Saturn شامل ھئا.

پھرين ڀيري گليليو گليلي 1610ع ۾ ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان تارن ۽ گرھن کي ڏسن شروع ڪيو. 7 جنوري 1610ع تي ھن مشتري جي چار چنڊن؛ ڪولسٽو، آيو IO، يوروپا ۽ گينيميڊ جي کوجنا ڪئي ۽ پراڻن خيالاتن جو رد ڪيائين ته زمين ڪائنات جو مرڪز آھي. ڇو ته پھرين ڀيري انسان ڪنھن جسم کي گرھ جي چوگرد ڦرندي ڏٺو.

گليليو گليلي جي کوجنا ڪري انھن چنڊن کي گليلين چنڊ (Gallilean Moon) جي نالي سڃاڻو ٿا. انھن چنڊن ۾ ھڪ گينيميڊ GAYNEMEDE پڻ آھي.

خلائي مشن

سنواريو

ڪيترائي خلائي مشن مشتري ڏانھن موڪليا ويا انھن ۾ سال 1973ع پھريون مشن، "پايونير-10 ھو.[2] ھن کان پوء سال 1974ع ۾ "پايونير-11" ۽ ھڪ ٻئي پٺيان "ووياجر-1" ۽ "2" ويا ۽ مشتري سان گڏ گينيميڊ جي عڪس بندي پڻ ڪيائون. "گليليو خلائي مشن" ته بلڪل ھن جي ويجھي 261 ڪلوميٽر کان گذريو.

سال 2022ع ۾ يورپي خلائي ايجنسي جي مدد سان روس پنھنجو، گينيميڊ لينڊر (Gaynemede Lander) گينيميڊ جي مٿاڇري تي لاھيندو. اميد ٿا ڪيون ته اسان کي گينيميڊ جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ملي سگھندي.

  1. "Ganymede Fact Sheet". www2.jpl.nasa.gov. وقت January 5, 1997 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 14, 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Pioneer 11". Solar System Exploration. وقت September 2, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 6, 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)