خان شهيدجي شهادت بعد سلطان بلبن سندس پٽ ڪيخسرو کي ملتان ۽ سنڌ جي گورنري ڏني پر بلبن پاڻ خان شهيد جي شهادت جو صدمو نه سهي سگهيو ۽ جلد الله کي پيارو ٿي ويو. خان شهيد جي وفات تي مؤرخن مطابق خان شهيد جي درٻاري شاعر امير خسرو ڏاڍو ڏکوئيندڙ مرثيو لکيو هو جيڪو سلطان بلبن ٻڌڻ کان پوءِ بيمار ٿي گذاري ويو. جنهن وقت سلطان غياث الدين بلبن جي وفات ٿي ان وقت سلطان جو پٽ ناصر الدين بغرا خان بنگال ۾ هو، تنهن ڪري اميرن وزيرن ناصر الدين جي پٽ معز الدين ڪيقباد جيڪو اتي موجود هو، کي دهليءَ جي تخت تي ويهاريو. سترهن سالن جو ڪيقباد لاپرواهه هجڻ ڪري سلطنت جا سڀ ڪم ڪار سردارن ۽ صلاحڪارن جي حوالي ڪري پاڻ مزا ماڻن ۾ لڳي ويو.[1].سلطان محمد جي وفات کان پوءِ غياث الدين بلبن پنهنجي پوٽي (سلطان محمد جي پٽ) ڪيخسرو کي ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي[2].

ڪيخسرو
دھلي جي غلام گھراڻي جي ايمپائر جو سنڌ ۽ ملتان جو آخري گورنر
683ھ کان 693ھ تائين
پيشرو سلطان محمد
جانشين خلجي گھراڻي جو پھريون گورنرنصرت خان
ريجنٽ سلطان غياث الدين بلبن ۽ انجو پوٽو سلطان معزالدين ڪيقباد
لاڏاڻو رھتڪ
مذھب اسلام

ڪيخسرو جو قتل سنواريو

ڪيقباد جي درٻارجي چالاڪ ۽ امير ملڪ شمس الدين جڏهن ڏٺو ته ڪيقباد جي مدهوشي ۽ عياشي ملڪ کي جلدي ٻوڙيندي ۽ ان کانپوءِ ملتان جو گورنر ڪيخسرو ئي سڄي ملڪ جو مالڪ بڻجندو ۽ مان محروم رهجي ويندس، تنهن ڪري ان کي ختم ڪرڻ جي صلاح سوچي ڪيقباد وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته سرڪار! توهان جي مقابلي ۾ صرف ڪيخسرو ئي آهي جنهن کي امير وزير پسند ڪن ٿا ۽ کيس توهان جي ڪرسي تي ويهارڻ جون رٿون رٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان ان کي ڪنهن بهاني سان ملتان کان گهرائي رستي ۾ ئي ختم ڪرائي ڇڏيو ته اوهان جي ڪرسي هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندي. ڪيقباد، ڪيخسرو ڏانهن حاضر ٿيڻ جو فرمان جاري ڪيو. جيئن ئي هو رهتڪ وٽ پهتو ته اڳ ۾ ئي تاڙ ۾ ويٺل ماڻهن حملو ڪري کيس قتل ڪري وڌو.[3].

دھلي جي غلام گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }
  2. - ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي
  3. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }