خان شهيد: سلطان غياث الدين بلبن جڏهن بادشاهت جو تاج پنهنجي مٿي تي رکيو ته ان وقت ملتان جو گورنر سندس سؤٽ هو، جيڪو ملتان ۽ پنجاب تي مغلن جي حملن کي وڏي بهادريءَ سان ٽاريندو رهيو. ان جي وفات کان پوءِ بلبن پنهنجي وڏي پٽ سلطان محمد کي جيڪو پنهنجي شهادت کان پوءِ خان شهيد جي لقب سان مشهور ٿيو، ملتان ۽ سنڌ جو گورنر ڪيو.

سلطان محمد
خان شھيد
دھلي جي غلام گھراڻي جي ايمپائر يا سامراج جو سنڌ ۽ پنجاب جو گورنر
کان1284 تائين
پيشرو ملڪ اعزالدين
جانشين ڪيخسرو
ريجنٽ سلطان غياث الدين بلبن
پورو نالو
سلطان محمد عرف خان شھيد
گهراڻو بلبن
شاھي گھراڻو غلام گھراڻو
پيءُ سلطان غياث الدين بلبن
لاڏاڻو 1284 ۾ جنگ دوران
لاھور جي ٻاھران
مذھب اسلام

تفصيلي تعارف سنواريو

خان شهيد تمام نيڪ، متقي ۽ بهادر انسان هو ۽ عالمن، صوفين ۽ درويشن سان ڏاڍي لڳندي هيس. هن جو گهڻو وقت شيخ بهاءُ الدين زڪريا ۽ شيخ فريد الدين گنج شڪر جي صحبت ۾ گذرندو هو. 1280ع تي امير خسرو سندس درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ پنجن سالن تائين ملتان ۾ رهيو. امير حسن سجزي به خان شهيد جي نوڪري ڪئي. سنڌ جو ناليوارو صوفي شيخ عثمان مروندي لعل شهباز قلندر جڏهن ملتان آيو ته خان شهيد کين وڏي ادب ۽ احترام سان پيش آيو ۽ سندن خدمت ۾ سوکڙيون پاکڙيون رکي ملتان ۾ رهڻ لاءِ زور ڀريو، پر حضرت شهباز قلندر ڪنهن سبب ڪري ملتان ۾ رهڻ مناسب نه سمجهيو. خان شهيد جي علم دوستيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ شيخ سعدي رحه کي گهرائڻ لاءِ ٻه ڀيرا ماڻهو اوٽ موٽ خرچ سوڌي شيراز موڪليو. هن جي وڏي خواهش هئي ته شيخ سعدي هتي اچي ۽ مان ان لاءِ وڏي خانقاهه ٺهرائي خرچ پکي جو بندوبست ڪريان. پر شيخ سعدي پنهنجي ٻڍڙائپ ڪري هتي نه اچي سگهيو ۽ پنهنجي هٿن سان لکيل شعرن جون ٻه ڊائريون موڪليائين ۽ لکيائين ته تنهنجي درٻار ۾ امير خسرو جو وجود ئي وڏو آهي.[1].

خان شهيد جي شهادت سنواريو

683 يا 684ھ (1284ع) ۾ چنگيز خان، قتلغ خان ۽ تيمور کي لشڪر ۽ هٿيارن پنهوارن سان گڏ هندستان موڪليو. جڏهن اهو لشڪر لاهور جي حدن ۾ پهتو ته خان شهيد ٽيهه هزار سوارن سان وڌي ڪري مقابلو ڪيو. ٻنهي لشڪرن جون تلوارون بجليءَ وانگر ٽڪرايون. تاريخ فيروز شاهي ۾ آهي ته جنگ ۾ ملتان جا وڏا وڏا سردار شهيد ٿيا ۽ سلطان محمد خان پاڻ به ان جنگ ۾ شهادت جو جام پيتو. انهيءَ ويڙهه ۾ امير خسرو تاتارين هٿان قيد ٿيو ۽ پوءِ وڏي مشڪل سان کيس ڇوٽڪارو مليو. ملتان جا ايترا ماڻهو ان جنگ جو کاڄ بڻيا جو هر گهر ۾ ماتم مچيل هو.[1].

دھلي جي غلام گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }