قمبر وارو ڪوھستان(انگريزي: Kohistan of Kamber) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ تمام وڏي جابلو علائقي جو نالو آهي جيڪا درحقيقت ديھ ناھي پر ديھن واري نقشي ۾ ان جو شمار سڃاڻپ خاطر ديھن ۾ ٿيندو آهي. اھو سوين چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل کيرٿر جبلن وارو اڻ سروي علائقو آھي. ان جي اتر ۾ قبو سعيد خان وارو ڪوھستان، ڏکڻ ۾ دادو ضلعي وارو ڪوھستان، اولھ ۾ بلوچستان وارو ڪوھستان ۽ اوڀر ۾ قمبر وارو ڪاڇو ۽ پوء حمل ڍنڍ واقع آهي. جبلن جي ڪاڇي يا ڪڇ يا پاسي وارن علائقن ۾ ڇڊي آبادي رھندڙ آھي پر اتي ڪوبه انفرا اسٽرڪچر ڪانه آهي.

ڪوھستان (قمبر)
ديھ ڪوھستان
ديھ
Deh Kohistan
ڪوھستان (قمبر) is located in سنڌ
ڪوھستان (قمبر)
ڪوھستان (قمبر)
ڪوھستان (قمبر) is located in Pakistan
ڪوھستان (قمبر)
ڪوھستان (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°42′54″N 67°28′34″E / 27.71500°N 67.47611°E / 27.71500; 67.47611مڪانيت: 27°42′54″N 67°28′34″E / 27.71500°N 67.47611°E / 27.71500; 67.47611
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو

حوالا سنواريو

  1. www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]