ڪَويٺ کي هندستاني ماڻهو ڪئيٿ يا ڪت بيل سڏيندا آهن. هي هن ملڪ ۾ هڪڙو عام جهنگلي وڻ ٿيندو آهي. ميوو گول ٿيندو اٿس ۽ رنگ ڦڪي سائي رنگ جهڙو ٿيندو اٿس. قد ۾ ڪرڪيٽ راند جي کينهوڙي جيڏو ٿيندو آهي. جڏهن سنس سخت کل ڀڃبي آهي، تڏهن اندران هڪڙيءَ ڀوريءَ نرم شيءِ سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جا ڪساري ۽ کٽي مکڻ جي باس وانگي هوندي آهي. اهو ميوو آڪٽوبر مهيني ۾ پچندو آهي. ان جي ڳر کي کنڊ ۾ ملائي، ڪاڙهڻ سان هڪڙي تمام چڱي جيلي ٺهندي آهي، جا بلڪل ڪاري ڊاک جي جيليءَ جهڙي ٿيندي آهي. وڻ ٻج مان توڙي قلمن مان ٿيندو آهي، جي مينهن جي موسم ۾ هڻندا آهن. وڻ باغ ۾ رکڻ جو لائق ناهي. ڪويٺ کي انگريزيءَ ۾ ووڊُ ائپل (يعني ڪاٺيءَ جو صوف) يا ايليفنٽ ائپل يعني (هاٿيءَ جو صوف) چوندا آهن.[3]

ڪويٺ
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): روسڊس
ترتيب: سئپنڊيلز
خاندان: روٽيشياء
ذيلي خاندان: اورنٽئوئائڊياء
Tribe: سٽرياء
نسل: ليمنيا
ڪارل لينيوئس
جنس: ايل.ايسيڊسيما
حياتياتي نالو
لمونيا ايسيڊسيما
ڪارل لينيوئس
هم معنيٰ[1][2]
  • اسڪائنس لمونيا L.
  • فيرونيا ايليفينٽم ڪوريئا


حوالا سنواريو

  1. "The Plant List: A Working List of All Plant Species". حاصل ڪيل 1 August 2015. 
  2. B. C. Stone, D. H. Nicolson (November 1978). "Arguments for Limonia acidissima L. (Rutaceae) and against Its Rejection as a nomen ambiguum". Taxon (Taxon) 27 (5/6): 551–552. doi:10.2307/1219924. 
  3. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو