مک مينيو کوليو

قرنطين، ڪوارنيٽن (انگريزي ٻولي: Quarantine)، ڪنهن بيماري يا مرض کي روڪڻ يا ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ اُپاءُ طور روريءَ پابند يا اڪيلائي ۾ رهڻ، رهائڻ جو اهو مدو، جيڪو جهازن، فردن يا سامان سَڙي کي هڪ بندرگاهه يا مقام يا هنڌ تي پهچڻ مهل انهيءَ مقصد سان لاڳو ڪيو وڃي جو ان مان بيماريءَ جا جيوڙا ملڪ ۾ پکڙجڻ جو ڊپ هجي.

قرنطين، ڪوارنيٽن يا قئارنٽين مان مراد طبي جهل قيد ۾ ورتي وڃي ٿي. پرڏيهه مان پهتل اهڙن ماڻهن، جانورن، ٻوٽن ۽ وکرن کي هوائي اڏن يا بندرگاهن تي خاص وقت تائين روڪي رکڻ، جن جي آباديءَ سان لهه وچڙ جي نتيجي ۾ پکڙجندڙ بيماري پيدا ٿيڻ جو ڀئه هُجي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تائين اها ”روڪ“ رڳو 40 ڏينهن تائين محدود هُئي، پر مُختلف معاهدن ۽ عهدنامن کان پوءِ، هاڻي ان سلسلي ۾ ڪو به خاص مدو مقرر نه ڪيو ويو آهي. جنهنڪري جُدا اسپتالن يا عارضي نظربنديءَ جي مرڪزن ۾ به مٿي بيان ڪيل مڙني ساهه وارن کي روڪي سگهجي ٿو.

عالمي لاڳاپن ۾ 1937ع ۾ آمريڪي صدر ’روز ويلٽ‘ طرفان آندل Quarantine Doctrine وڏي اهميت رکي ٿي. صدر روز ويلٽ جو خيال هو ته جنگ به وچڙندڙ بيماري آهي، تنهنڪري يورپ جون فاشي جنگجو حُڪومتون ۽ جاپاني رياست دُنيا ۾ جنگ پکيڙي، عالمي امن جو هاڃو پهچائي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙين رياستن کي عالمي برادريءَ مان ٻاهر رکڻ ضروري آهي. دراصل اهو رويو ڪنهن به اڳرائي پسند رياست کي سزا ڏيڻ جي برابر آهي. هن تصور آڪٽوبر 1962ع ۾”ڪيوبائي ميزائل“ مامري دوران آمريڪا جي صدر ’جان – ايف ڪينيڊيءَ‘ طرفان، ڪيوبا جي ڪيل ناڪا بنديءَ وقت شهرت ماڻي.[1]

حوالاسنواريو