ڪمپني (فوجي جٿو)
فوج ۾ ڪمپني، فوج جي هڪ ننڍي جٿي کي چيو ويندو آهي، جنهن جٿي ۾ 80 کان 150 اهلڪار هجن. فوج ۾ ڪمپني کي اڪثر ڪري ميجر يا وري ڪيپٽن سنڀاليندو آهي. هڪ ڪمپني ۾ ٽي کان 6 پلٽون شامل هوندا آهن، پر مختلف ملڪن ۾ ڪمپني ۾ شامل پلٽونن جو تعداد پڻ مختلف هجي ٿو.عام طور ڪيترن ئي ڪمپنين کي گڏائي هڪ بٽالين يا ريجمنٽ جوڙي ويندي آهي. ڪنهن وقت هڪ ڪمپني کي ڪنهن مخصوص آپريشن لاءِ پڻ جوڙيو ويندو آهي.
فوجي تنظيم / نظم و ضبط | ||
---|---|---|
جٿا | تعداد (لڳ ڀڳ) | سپهه سالار |
فائر ٽيم | 2–4 | لانس نائيڪ يا نائيڪ |
دستو | 8–14 | نائيڪ يا سارجنٽ يا اسٽاف سارجنٽ |
پلٽڻ | 15–45 | ليفٽيننٽ |
ڪمپني | 80–150 | ڪيپٽن يا ميجر |
بٽالين | 300–800 | ليفٽيننٽ ڪرنل |
ريجمنٽ يا برگيڊ |
1,000–5,500 | ڪرنل يا برگيڊيئر جنرل |
ڊويزن | 10,000–25,000 | ميجر جنرل |
ڪور | 30,000–50,000 | ليفٽيننٽ جنرل |
فيلڊ آرمي | 100,000–300,000 | جنرل |
فوجي گروپ | 2 کان وڌيل فيلڊ آرمي | فيلڊ مارشل يا پنج تارن وارو فوجي آفيسر |
فوجي ضلعو | 4 کان وڌيڪ فوجي گروپ | ڇهه تارن وارو فوجي آفيسر يا فوج جو سپه سالار |