فائر ٽيم
فائر ٽيم فوجي دستي جو سڀ کان ذيلي دستو هوندو آهي. هن دستي جو ڪم نگهداشت، چوڪسي يا دشمن مٿان مختلف هنڌن تان فائر ڪرڻ هوندو آهي. فائر ٽيم ۾ ڪنهن هدف جي مطابق سپاهين جو تعداد گھٽ وڌ هوندو آهي، پر عام طور 4 يا ان کان گھٽ سپاهي هڪ فائر ٽيم ۾ شامل هوندا آهن. جنهن مان هڪ فوجي ٽيم جي سربراهي پڻ ڪندو آهي.ٻه يا ٽي فائر ٽيم گڏائي هڪ دستو جوڙيو وندو آهي، جنهن جي سربراهي اسڪواڊ ليڊر ڪندو آهي.[1][2][3][4][5][6]
فوجي تنظيم / نظم و ضبط | ||
---|---|---|
جٿا | تعداد (لڳ ڀڳ) | سپهه سالار |
فائر ٽيم | 2–4 | لانس نائيڪ يا نائيڪ |
دستو | 8–14 | نائيڪ يا سارجنٽ يا اسٽاف سارجنٽ |
پلٽڻ | 15–45 | ليفٽيننٽ |
ڪمپني | 80–150 | ڪيپٽن يا ميجر |
بٽالين | 300–800 | ليفٽيننٽ ڪرنل |
ريجمنٽ يا برگيڊ |
1,000–5,500 | ڪرنل يا برگيڊيئر جنرل |
ڊويزن | 10,000–25,000 | ميجر جنرل |
ڪور | 30,000–50,000 | ليفٽيننٽ جنرل |
فيلڊ آرمي | 100,000–300,000 | جنرل |
فوجي گروپ | 2 کان وڌيل فيلڊ آرمي | فيلڊ مارشل يا پنج تارن وارو فوجي آفيسر |
فوجي ضلعو | 4 کان وڌيڪ فوجي گروپ | ڇهه تارن وارو فوجي آفيسر يا فوج جو سپه سالار |
فائر ٽيم کي جديد دور جي فوج لاءِ اهم ذيلي دستو تصور ڪيو وڃي ٿو ڇو ته هي اول فوجي دستو هوندو آهي. تاريخ ۾ انهي فوج کي وڌيڪ ڪاميابيون مليون جن جي فائر ٽيم وڌيڪ منظم هيون.
حوالا
سنواريو- ↑ "Archived copy" (PDF). وقت 2014-11-20 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2015-01-12.
- ↑ "MOS 11B - Infantryman Duty Descriptions". www.armywriter.com. حاصل ڪيل 14 August 2017.
- ↑ "Job Description of a United States Army Infantry Team Leader". حاصل ڪيل 14 August 2017.
- ↑ "What Are the Duties of Infantry Team Leaders?". حاصل ڪيل 14 August 2017.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2020-01-22 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-05-30
- ↑ "Sample Army Team Leader Duties, Responsibilities and Job Description - Citizen Soldier Resource Center". حاصل ڪيل 14 August 2017.