بٽالين فوجي جٿي جي هڪ قسم کي چيو ويندو آهي. هڪ عام بٽالين ۾ لڳ ڀڳ 300 کان 800 فوجي شامل هوندا آهن، جن کي مختلف ڪمپنين ۾ ورهايو ويندو آهي. اها تعداد مختلف ملڪن ۾ مختلف هوندي آهي. عام طور بٽالين جي سربراهي ليفٽيننٽ ڪرنل ڪندو آهي. گھڻن ملڪن ۾ بٽالين مان مراد صرف پيادل فوج جو جٿو هوندو آهي.

فوجي تنظيم / نظم و ضبط
جٿا تعداد (لڳ ڀڳ) سپهه سالار
فائر ٽيم 2–4 لانس نائيڪ يا
نائيڪ
دستو 8–14 نائيڪ يا
سارجنٽ يا
اسٽاف سارجنٽ
پلٽڻ 15–45 ليفٽيننٽ
ڪمپني 80–150 ڪيپٽن يا ميجر
بٽالين 300–800 ليفٽيننٽ ڪرنل
ريجمنٽ يا
برگيڊ
1,000–5,500 ڪرنل يا
برگيڊيئر جنرل
ڊويزن 10,000–25,000 ميجر جنرل
ڪور 30,000–50,000 ليفٽيننٽ جنرل
فيلڊ آرمي 100,000–300,000 جنرل
فوجي گروپ 2 کان وڌيل فيلڊ آرمي فيلڊ مارشل يا
پنج تارن وارو فوجي آفيسر
فوجي ضلعو 4 کان وڌيڪ فوجي گروپ ڇهه تارن وارو فوجي آفيسر يا
فوج جو سپه سالار

بٽالين لفظ پهريون دفعو اٽلي جي ماڻهن battaglione طور 16 صدي ڌاري ڪيو. اهو لفظ اٽالين ٻولي جي لفظ battaglia مان نڪتل آهي جنهن جي معني انگريزي ۾ battle سنڌي ۾ جنگ ٿيندو. انگريزي ۾ بٽالين لفظ جو استعمال 1580ع ڌاري ٿيو.