ڪلر 1 (قمبر) ڪَلر 1
ديھ ڪلر 1(انگريزي: Deh Kalar 1) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.
ديھ ڪلر 1 (قمبر) ديھ ڪلر 1 | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kalar 1 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°36′38″N 67°55′42″E / 27.61056°N 67.92833°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 12,518 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1924 کان 1937ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ رسول بخش، ڳوٺ قائم خان، ڪورين جو ڳوٺ، ڳوٺ وليداد مغيري، ڳوٺ فضل محمد شيخ، ڳوٺ شير محمد بڙدي, ڳوٺ عبدالقادر ، ڳوٺ ڪنڊي ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ شامل ھيا. ھاڻي اتي ڪافي تبديلي اچي وئي آھي. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ وليداد مغيري، ڳوٺ صوبيدار منور منگي، ڳوٺ الله بخش مغيري، ڳوٺ روضي خان ڪٽوھر، ڳوٺ بگراڻي، ڳوٺ عبدالرحيم ڪلھوڙو، ڳوٺ قائم خان شيخ، ڳوٺ نودراڻي چانڊيا ۽ ڳوٺ دوست علي بلوچ واقع آهن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چچا، اوڀر ۾ ديھ لاکا، ديھ ڇڄڙا ۽ ديھ قمبر، اولھ ۾ ديھ آچا ۽ ديھ لکٽيا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر 2 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جو ڏاکڻو دنگ قمبر غيبي ديرو روڊ آھي. قمبر دوست علي روڊ پڻ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي. ھن ديھ ۾ ڪلر شاخ وھي ٿي جيڪا نور واھ مان نڪري ديھ ڇڄڙا ۽ ديھ قمبر مان گذري ھن ديھ م داخل ٿئي ٿي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 12,518 ھئي جيڪا 1,838 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].