ڪشور ڪمار

بھارت جو اداکار

ڪشور ڪمار (Kishore Kumar؛ پيدائش: 4 آگسٽ، 1929ع، وفات: 13 آڪٽوبر، 1987ع)، پيدائشي نالو "اڀاس ڪشور گَنگُولِي"، بالِي ووڊ فِلمُن جو پس پرده گائيڪ (هندي، بنگالي، مراٺي، آسامي، گجراتي، ڪناڊا، ڀوجپوري ۽ اُڙيا ٻولي) ۽ اداڪار هو. هُو اصل ۾ بنگالي هندستانِي هو. هُو پنهنجي وقت جو مقبُول ترين پس پرده گائڪ هو ۽ سندس رڪارڊ اڄ به بيسٽ سيلر آهن. جيتوڻيڪ کيس شهرت بنيادي طور هڪ ڪامياب گُلُوڪار هوڻ باعث ملي، پر ڪمار هڪ نامور اداڪار پڻ هو. سندس ڪاميڊي ڪردارن ۾ "باپ ري باپ" (1955)، "چلتِي ڪا نام گاڙِي" (1958)، "هاف ٽِڪِٽ" (1962)، "پڙوسَن" (1968)، "هنگاما" (1971)، "پيار ديوانا" (1973) ۽ "بڙهتي ڪا نام داڙهي" (1974) شامل آهن.

ڪشور ڪمار

"نوڪري"، "باندي"، "دور گگن ڪِي ڇائون ۾"، "دُور ڪا راهِي" جهڙين فلمن ۾ هن سنجيده ڪردار پڻ ادا ڪيا. ان کان سواءِ ڪمار بطور ٻولنگار، ڪمپوزر، پروڊيوسر، هدايتڪار، اسڪرين ليکڪ ۽ اسڪرپٽ ليکڪ پڻ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون.

ٻالڪ پڻ

سنواريو

ڪشور ڪمار، اڀاس ڪمار گنگولي جي نالي سان هڪ بنگالِي گھِراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ڪمجالال گنگولي مڌيا پرديش جي کنڊوا نالي هِڪَ ننڍي شهر ۾ رهندڙ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ۽ پيشي جو وڪيل هو. جڏهن ته سندس ماءُ گوري ديوي، هڪ امير گھِراڻي سان واسطو رکندي هئي. ڪمار پنهنجي مائٽن جو ننڍي ۾ ننڍو اولاد هو. اشوڪ ڪمار وڏي ۾ وڏو پُٽُ هو، جنهن کان پوءِ اڪيلي ڌيءَ سَتِي ديوِي، ۽ ان کان ننڍو انُوپ ڪمار، جنهن کان پنج سالَ ننڍو هو ڪشور ڪمار.

جڏهن ڪمار اڃا ٻار ئي هو، ته سندس وڏو ڀاءُ اشوڪ ڪمار بالِي ووڊ جو چمڪندڙ ستارو بنجي چڪو هو. ان ڳالهه جو ننڍي ۾ ننڍي ڪمار تي تمام وڏو اثر پيو. هُو ڪي.ايل.سهگل جو تمام وڏو فين بڻجي ويو ۽ سندس گائڪيءَ جو نقل ڪندو رهندو هو. اڪثر سندس والدين کيس سندس ڀاءُ اشوڪ تي فلمايل گيت "مين بن ڪا پنڇي" گنگنائڻ لاءِ منٿَ ڪندا هئا. اشوڪ جي ڪاميابيءَ بعد انوپ ڪمار پڻ بالِي ووڊ جو رخ ڪيو.

بالِي ووڊ ۾ شروعاتِي ڏينهن

سنواريو

ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ جي قدمن تي هليو ۽ بالِي ووڊ ۾ هڪ گائڪ طور پنهنجي عمليءَ ۾ پير رکڻ لاءِ ممبئي پهتو. اِنَ موڙَ تي انوپَ جو ڪريئر بيهي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته گائڪيءَ جي لحاظَ کان سندس آواز ايترو سٺو نه هو جيتري سندس اداڪاري. هي اهو دور هو جڏهن اهڙن اداڪارن جي وڏي اهميت هوندي هئي، جيڪي ڳائي به سگھندا هُجن. انوپ پنهنجو آواز سڌارَڻَ لاءِ آسٽريا مان ڪجھه رڪارڊَ آندا هئا. هِڪَ ڀيري گھر ۾ اندر ايندي ئي هُنَ ڪنهن ڪمري مان يوڊلڱ جو آواز ٻُڌو. هُنَ ڪاوَڙَ ۾ ڪَڙڪيو ”منهنجي رڪارڊَن کي ڪنهن هٿُ لاتو آهي؟“. پر ڪمري ۾ گھڙڻ سان کيس معلوم ٿيو ته اها يوڊلڱ اصل ۾ ڪشور ڪمار ڪري رهيو هو. ڪشور ڪمار يوڊلڱ ڪرڻ انوپَ جي آسٽريائي رڪارڊَن مان سکيو هو. ڪشور ڪمار اداڪاريءَ کي ناپسند ڪندو هو ۽ بالي ووڊ جو مُکيه گائڪ بنجڻ جِي خواهش رکندو هو. پر سندس گائڪِي يا موسيقيءََ جِي ڪا به سکيا ورتل نه هئِي. ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمار جي واسطن سان فلمي دنيا ۾ پير ته رکي ڇڏيو، مگر ابتدا ۾ سُٺو تاثر ڏيڻ ۾ ناڪامياب ويو. پَرَ هُنَ اداڪاري جاري رکي، جنهن سان کيس پنهنجي ئي فلمُن جا گيتَ ڳائڻ جو موقعو ملندو رهيو. ان دور ۾ ڪشور ڪمار جو انداز سهگل وارو هو. هِڪَ ڀيري جي ڳالهه آهي جو سَچِن ديوِ بَرمَن اشوڪ ڪمار جي گھر آيو ۽ وهنجڻ جاءِ مان سهگل جي آواز جهڙو آواز ايندي ٻُڌائين. آواز کان متاثر ٿِيندي، هُن اشوڪ کان پُڇيو ته هِيءُ ڪير پيو ڳائي. ورندي ملڻ تي، هُو ڪشور جي انتظار ۾ ويهي رهيو ته وهنجي نڪري ته مِلانس. هُنَ ڪشور سان ٿورڙي گفتگُو ڪئي، جنهن ۾ هُنَ سندس آواز جي تعريف به ڪئي ۽ کيس هِڪَ نصيحَتَ به ڪئي، ”سهگل جو نقل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر. نقال ڪڏهن به سٺا ڪلاڪار نه بڻبا آهن. تو کي پنهنجو انداز اختيار ڪرڻ گھرجي“. ان کان پوءِ ڪشور ڪمار پنهنجي گائڪِيءَ ۾ پنهنجو نئون مخصوص انداز پيدا ڪيو، جيڪو رفي، مڪيش ۽ سهگل کان بلڪل الڳ هو.

ڪشور سُڃاتو وڃڻ لڳو

سنواريو

ڪشور ڪڏهن به اداڪاري ڪرڻ نه ٿي چاهيو، پر هُو پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمار کان ايترو ته ڊڄندو هو جو کيس ناراض ڪري نه ٿي سگھيو. اشوڪ ڪمار کيس بالِي ووڊ جو مقبول هِيرو ڏسڻ ٿي گھريو. شروعاتِي فلمون ناڪام ٿيڻ بعد، ڪشور ڪمار فصيلو ڪيو ته ايندڙ فِلمُن ۾ هُو ايتري ته ڪِنِي اداڪاري ڪندو جو اڳتي ڪو به پروڊيوسر کيس پنهنجي فلمَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ نه چوندو.

آخري سالَ

سنواريو

ڪشور جو پٽ اميت ڪمار 1980ع جي ڏهاڪي ۾ مقبول گائڪ ٿي چڪو هو (آر ڊي برمن ۽ راجيش روشن جي مهرباني جن کيس هٿي وٺائي). پر ڪشور ڪمار اڃا به ميدان ۾ هو ۽ نون توڙي اڳي ئي مقبول هيروز لاءِ گيت ڳائي رهيو هو. 1980ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪشور ڪمار ۽ اميتاڀ بچن درميان ڪا مس انڊراسٽينڊڱ ٿي وئي. ڪشور ڪمار ڪا فلم پروڊيوس ڪري رهيو هو، جنهن ۾ اميتاڀ (جيڪو تنهن وقت باليووڊ جو تمام وڏو هيرو بڻجي چڪو هو) کي مهمان اداڪار جي حيثيت ۾ اچڻو هو. اميتاڀ شوٽڱ لاءِ آيو، پر ڪجھه منٽ ويهي، پنهنجي سيڪريٽري کي اهو چئي هليو ويو ته ڪشور ڪمار کي ٻڌائي ته هو فلم ۾ ڪم ڪو نه ڪندو. ان ڳالهه تي ڪشور ڪمار ڪافي ناراض ٿي ويو ۽ ڪڏهن به اميتاڀ لاءِ نه ڳائڻ جو فيصلو ڪيائين. اتفاقاً، تنهن کان پوءِ اميتاڀ جون فلمون ناڪام ٿيڻ لڳيون، جن ۾ کيس اڪثر شبير ڪمار جو آواز مليل هو ۽ کيس بالي ووڊ ۾ پنهنجي ناڪامين جو بدترين دور ڏسڻو پيو. اميتاڀ ڪيترن ئي سالن بعد وري ڪون بني گا ڪروڙ پتي نالي ٽي وي سلسلي ۾ ظاهر ٿيو.

انيل ڪپور لاءِ سندس پهرين فلم وه سات دن جا گيت ڪشور ڪمار ڳايا. هن انيل ڪپور جي پهرين سپر هٽ فلم مسٽر انڊيا جا گيت پڻ ڳايا. انهن ٻنهي فلمن جي موسيقي لڪشميڪانت پياري لال ترتيب ڏني. 1987ع ۾ هن آر ڊي برمن جي فلم ساگي لاءِ ڪي انتهائي سٺا گيت ڳايا -- ساگر جيسي آنکون والي، ساگر ڪناري دل يه پڪاري، جيڪي جاويد اختر جا لکيل هئا.

1987ع ۾ ڪشور ڪمار بالي ووڊ تان رٽائر ڪرڻ ۽ کنڊوا نالي ڳوٺ ۾ پنهنجا اباڻا کڪ وڃي وسائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هن آڪٽوبر 1987ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس مڙهه سندس جنم ڀوميءَ نيو ويو ۽ سموريون آخري رمسمون اتي ادا ڪيون ويون ۽ اهڙيءَ ريت سندس کنڊوا وڃڻ جي آخري خواهش پوري ڪئي وئي.

ڪشور جِي ذاتِي زندگِي

سنواريو

ڪشور ڪمار چار شاديون ڪيون، سندس ونيون رُوما گُوها ٺاڪُرتا (1950 - 1958)، مَڌُوبالا (1960 - 1969)، يوگيتا بالي (1978) ۽ لِينا چنداورڪر (1980 - 1987) هُيُون. ڪشور ڪمار رُوما گھوش سان مَئي 1951ع ڌاري بمبئي شادي ڪئي ۽ سال اندر کين پُٽُ اميت ڪمار ڄائو. سال 1958ع ۾ منجھن طلاق ٿي وئي. رُوما گھوش ٻِي شادي ارُوپ گُوها سان ڪئي، جنهن مان ٻه ٻار ٿيس. هُوءَ پڻ اداڪار ۽ گلوڪار آهي ۽ فلمي صنعت ۾ وڏو نانءُ رکي ٿِي. سندس پُٽُ اَمِيت ڪُمار پڻ ان ئي سطح جو گائڪ بڻيو، البت پنهنجي پيءَ جيتري ڪاميابي نه ماڻيائين. ڪشور جو ٻيو پُٽُ سُمِيت ڪُمار پڻ ڳائيندو رهيو آهي.

فلم نِگارِي

سنواريو

ڪجھه اهم فلمون جن ۾ ڪشور ڪمار اداڪاري ڪئي:

  • 1954 نوڪري
  • 1956 ڀاگم ڀاگ
  • 1955 باپ ري باپ
  • 1957 آشا، باندِي
  • 1958 جعلساز، چلتي ڪا نام گاڙي، دِلِي ڪا ٺَگ
  • 1960 بيوقوف، گرل فرينڊ، محلون ڪي خواب
  • 1961 ڪروڙ پتي، جھُمُرُو
  • 1962 بمبئي ڪا چور، من موجِِي، ناٽِي بوائي، رَنگولِي، هاف ٽِڪِٽ
  • 1963 ايڪ راز
  • 1964 باغي شهزاده، دال ۾ ڪالا، بانوري نين، مسٽر ايڪس اِن بمبئي، گنگا ڪِي لهرين، دُور گگن ڪِي ڇانئون ۾
  • 1966 پيار ڪِيئي جا، عقلمند
  • 1967 دنيا ناچي گِي، پايل ڪِي جھنڪار، اي ميري دل
  • 1968 پڙوسَن، دو دُونِي چار
  • 1971 هنگاما
  • 1973 پيار ديوانا

فلمي گيت

سنواريو

ڪجھه اهڙيون فِلمُون جِن لاءِ ڪشور ڪمار پنهنجا بهترين گيتَ ڳايا آهن.

  • 1961 "جھُمُرُو"
  • 1962 "هاف ٽِڪِٽ"
  • 1964 "مسٽر ايڪس اِن بمبئي"، "دُور گگن ڪِي ڇانئون ۾"
  • 1966 "پيار ڪِيئي جا"
  • 1968 "پڙوسَن"
  • 1969 "اراڍنا"
  • 1970 "سفر"، "پريم پُوجارِي"، "ڪٽِي پتنگ"، "جانِي ميرا نام"
  • 1971 "شرميلي"، "پرايا ڌن"، "گيمبلر"، "بُڍا مِل گيا"، "امر پريم"
  • 1972 "ميري جيون ساٿِي"، "جوانِِ ديوانِي"، "رامپور ڪا لڪشمن"
  • 1973 "يادون ڪِي بارات"، "منچلي"، "جُگنُو"، "هيرا پنا"، "داغ"، "بليڪ ميل"، "اناميڪا"، "آ گلي لگ جا"، "اڀيمان"، "نمڪ حرام"
  • 1974 "پريم نگر"، "آپ ڪي قسم"
  • 1975 "مِلِي"، "کيل کيل ۾"، "جُولِي، "امانش"
  • 1976 "ڪڀي ڪڀي"، "چلتي چلتي"، "محبُوبه"
  • 1977 "هم ڪسي سي ڪم نهين"، "ڪنارا"، "ڊريم گرل"، "دُوسرا آدمِي"، "انُوروڌ"
  • 1978 "شاليمار"، "کٽا ميٺا"، "قسمين واعدي"، "گھر"، "ڊان"، "مقدر ڪا سڪندر"
  • 1979 "مسٽر نٽور لال"، "باتون باتون ۾"، "دِي گريٽ گيمبلر"، "گول مال"
  • 1980 "من پسند"، "ٿوڙي سي بيوفائي"، "قرض، "دوستانه"
  • 1981 "راڪي"، "لاوارث"، "يارانه"، "سلسله"
  • 1982 "صنم تيري قسم"، "بي مثال"، "ستي پي ستا"، "شڪتِي"
  • 1983 "سوتن"، "اگر تم نه هوتي"، "بڙي دل والي"
  • 1984 "تحفه"، "شرابِي"، "مشعل"
  • 1985 "ساگر"، "صاحب"، "الگ الگ"
  • 1986 "جانباز"
  • 1987 "مسٽر اِنڊيا"، "ڪاش"، "غرزانه"

اعزازات

سنواريو

اهي گِيتَ جِن تي ڪِشور ڪُمارَ کي فلم فيئر اوارڊ مليا:

  • 1969 رُورپ تيرا مستانه - اراڌنا
  • 1975 دِل ايسا ڪِسِي ني ميرا توڙا - اَمانُش
  • 1978 کَئِيڪي پان بنارَس والا - ڊان
  • 1980 هَزار راهين - ٿوڙِي سِي بيوَفائِي
  • 1982 پگ گھنگھرو بانڌ ميرا - نمڪ حلال
  • 1983 اگر تم نه هوتي - اگر تم نه هوتي
  • 1984 منزلين اپني جگه - شرابي
  • 1985 ساگر ڪناري - ساگر
  • بالِي ووڊ جي مرد گلوڪارن جِي لسٽ

خارجِي ڳنڍڻا

سنواريو

گِيتَ: