ڪرونڊو(انگريزي: Carissa carandas) هڪڙو ننڍو وڻ آهي، جو اٽڪل ڏهن فوٽن ۽ ڪڏهن ته ويهن فوٽن تائين به ٿيندو آهي. پن ڪارا ۽ چمڪندڙ اٿس ۽ تمام گهڻا ڪنڊا ٿيندا اٿس. هي عام ۽ جتي ڪٿي آهي. فيبروريءَ ۾ ٻور جهلي ٿو ۽ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ڦر ڪري ٿو. شڪل ۾ ننڍي صوفي ٻير جهڙو ٿو ٿئي. وڍبس يا چهڪ ڏبس ته منجهانئس چنبڙندڙ کير نڪري ٿو. منجهس ننڍڙا ٻج گهڻا ٿيندا آهن. اهو مربي ۽ آچار جي ڪم ايندو آهي، جو ڪچو، کٽو ۽ ڪسارو ٿو ٿئي. رڌي کان پوءِ نرم به ٿيندو آهي ۽ کٽاڻ به گهٽ ٿيندي اٿس. هي وڻ لوڙهن جي جاءِ تي پوکڻ ۾ ايندو آهي. وڻ ٻج مان ٿيندا آهن، جي برسات جي ڏينهن ۾ پوکبا آهن.[1] هن جو هڪڙو ولايتي قسم به آهي، جو اصل نٽل جو آهي. اڇا گل ڪندو آهي. ڦر ڪرونڊي جهڙو ٿيندو اٿس. جنهن جو رنگ ڳُوڙهو واڱڻائي ٿيندو آهي. ڪرونڊي تي پيوند ٿي سگهي ٿو. ڪرونڊي کي انگريزيءَ ۾ ڪاريساڪا رانڊس چون ٿا.[1]

ڪرونڊو
ڪرونڊو جا گل
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽا
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): ايسٽيرڊس
ترتيب: جينٽيئاناليز
خاندان: ايپوسيناسيئا
نسل: ڪاريسا
جنس: سي.ڪارانڊاس
حياتياتي نالو
ڪاريسا ڪئيرنڊاس
ڪارل لينيوئس
هم معنيٰ

سانچو:Species list

ميوو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو