ڪرائميا يا ڪرائميائي اپٻيٽ (انگريزي: Crimea ) اوڀر يورپ ۾ ڪاري سمنڊ جي اترئين ڪناري تي واقع ھڪ اپٻيٽ آھي. ان جي اتر اوڀر واري حصي ۾ ازوف سمنڊ ۽ باقي سمورو اپٻيٽ ڪاري سمنڊ سان گهيريل آهي. ڪرائميا جي اتر ۾ يوڪرين جو اوبلاسٽ يا صوبو خيرسون واقع آهي، اوڀر ۾ روس جي وفاق م شامل ڪراسنودار واري سرزمين واقع آهي جيڪا ڪرچ واري پاڻي جي لنگھ ذريعي ڪرائميا کان الڳ ھوندي 2018ع کان پل ذريعي ان سان ڳنڍيل آهي. ڪرائميا جي اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ڪارو سمنڊ آھي جنھن جي ٻئي پار اولھ طرف رومانيه ۽ ڏکڻ طرف ترڪي واقع آهي. 1783ع ۾ ڪرائميا کي روسي ايمپائر روس۽ ترڪي واري خلافت جي جنگن (1768 کان 1774 تائين) جي نتيجي بعد پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. 1917ع واري انقلاب کان پوء ان کي ڪرائميائي آٽونامس سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو درجو ڏئي سوويت يونين ۾ شامل ڪيو ويو. ٻين جنگ عظيم دوران ان جو درجو گھٽائي ڪرائميائي اوبلاسٽ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اتان جي تاتار نسل جي آبادي کي مڪمل طور تي وچ ايشيا منتقل ڪيو ويو. 1954ع ۾ ڪرائميائي کي يوڪريني سويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ شامل ڪيو ويو[5] 1991ع ۾ سويت يونين جي خاتمي وقت يوڪرين پڻ خودمختياري حاصل ڪئي تہ ڪرائميائي اپٻيٽ کي ڪرائميائي آٽونامس ريپبلڪ جو درجو ڏنو ويو ۽ ان جي شھر سيواستوپول کي يوڪرين ۾ خاص درجو ڏنو ويو. 1997 ۾ اڳوڻي سوويت ڪاري سمنڊ واري بحري ٻيڙن جي ورھاست معاھدي تحت ٿي لل۽ معاھدي جي شرطن مطابق روس کي اتي بحري اڏي قائم رکڻ جي اجازت ملي ھئي، اھڙي طرح روسي ٻيڙي ۽ يوڪريني ٻيڙي جا صدر مقام سيواستوپول ۾ رکيا ويا. ڪرائميا جي موجوده حيثيت تڪراري آهي. يوڪرين ان جو دعويدار آھي ۽ گڏيل قومن يوڪريني دعوا کي تسليم ڪيو آهي[6] پر ان تي راڄ روس جو آھي. فيبروري 2014 ۾ ڪرائميا روسي فوج ۽ ان جي حامين جي فوجي مداخلت بعد روس سان الحاق ڪري ھڪ تڪراري ريفرنڊم ذريعي روسي وفاق ۾ شامل ٿي ويو[7].[8][9].

ڪرائميا
جاگرافي
جڳھ اوڀر يورپ
مڪانيت 45°18′N 34°24′E / 45.3°N 34.4°E / 45.3; 34.4مڪانيت: 45°18′N 34°24′E / 45.3°N 34.4°E / 45.3; 34.4
لڳولڳ پاڻي
وڏي ۾ وڏو شھر سيواستوپول
ايراضي 27٬000 km2 (10٬000 sq mi)
بلندي  1,545 m (5,069 ft)
سياسي حيثيت روس جي اختيار ھيٺ (جنھن ۾ يوڪرين جي اختيار واري ھينچيسڪ رائيان وارو حصو شامل ناھي)
ڪرائميائي اپٻيٽ جو نقشو
ڪرائميا ريپبلڪ (ڊي جيور) (گڏيل قومن طرفان مڃيل) يا آٽونامس ريپبلڪ آف ڪرائميا (ڊي فيڪٽو) (روس سان الحاق ۾ )

حوالا سنواريو

  1. Russian Federal State Statistics Service (XLS) (ٻولي ۾ Russian) https://rosstat.gov.ru/storage/mediabank/of43wDjn/PrPopul2021_Site.xls. حاصل ڪيل 31 January 2021.  Missing or empty |title= (مدد)[مئل ڳنڍڻو]
  2. "Archived copy". وقت 20 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 January 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Катастрофический фактор [[:سانچو:Pipe]] Все блоги [[:سانچو:Pipe]] Блоги [[:سانچو:Pipe]] Каспаров.Ru". Kasparov.ru. حاصل ڪيل 3 July 2018.  URL–wikilink conflict (مدد)
  4. "Archived copy". وقت 27 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 April 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. Why Did Russia Give Away Crimea Sixty Years Ago?, Mark Kramer, The Wilson Center, 19 March 2014
  6. UN (2014). Resolution adopted by the General Assembly on 27 March 2014. United Nations Press. http://www.un.org/en/ga/search/view_doc.asp?symbol=A/RES/68/262. 
  7. "Meeting of the Valdai International Discussion Club". Kremlin.ru. وقت 15 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. I will be frank; we used our Armed Forces to block Ukrainian units stationed in Crimea 
  8. (ru ۾). Interfax-Ukraine. 14 March 2014. http://interfax.com.ua/news/political/196031.html. 
    "Judgement of the Constitutional Court of Ukraine on all-Crimean referendum". Embassy of Ukraine in the United States of America. 
  9. Tokarev, Alexey (2014). (ru ۾)MGIMO Review of International Relations 5 (44): 32–41. http://www.vestnik.mgimo.ru/sites/default/files/pdf/004_istoriya_tokarevaa.pdf. Retrieved 11 August 2017. "Спустя 22 года и 364 дня после первого в СССР референдума в автономной республике Украины Крым состоялся последний референдум. Проводился он вопреки украинскому законодательству, не предусматривающему понятия региональный референдум и предписывающему решать территориальные вопросы только на всеукраинском референдуме".