ازوف سمنڊ (انگريزي: Sea of Azov ) اوڀر يورپ ۾ ڪاري سمنڊ سان چار ڪ م ڊگھي ڪرچ واري پاڻي جي لنگھ ذريعي ڳنڍيل ھڪ ننڍو سمنڊ آھي جنھن کي ڪڏھن ڪڏھن ان کي ڪاري سمنڊ جو اتريون حصو پڻ سڏيو ويندو آهي.[2][3] . ھن سمنڊ جي اتر ۾ يوڪرين جي ڏکڻ-اوڀر ۾ روس واقع آھن. ڊون ندي ۽ ڪوبان ندي ھن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. ھن سمنڊ جو پاڻي مستقل طور تي ڪاري سمنڊ طرف وھندڙ آھي. ازوف سمنڊ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ تراکڙو يا تمام گھٽ اونھائي وارو سمنڊ آھي. ان جي اونھائي0.9 ۽ 14 ميٽر (2 ft 11 in ۽ 45 ft 11 in) جي درميان آهي.[4][5][6][7] ھن سمنڊ ۾ کوڙ نديون ڇوڙ ڪن ٿيون جن جي پاڻي سان واري، لٽ ۽ جاندارن جا کوپا ھن سمنڊ ۾ وھي اچڻ ڪري ان جي ترو سنوت ۾ اچي رھيو آھي ۽ سمنڊ جي اونھائي آھستي آھستي ان جي مرڪز طرف اڳتي وڌندڙ آھي. ندين جي پاڻي جي منجھس وھڪري ڪري ھن سمنڊ جي لوڻياٺ گھٽجي چڪي آهي. ھي سمنڊ ۾ مڇي جي پيدوار ڪثرت سان ٿئي ٿي ۽ ان جا ڪنارا ٻوٽن ۽ پکين جي ڪالونين سان مالامال آهن.

ازوف سمنڊ
Sea of Azov

ڊونيٽسڪ اوبلاسٽ جي نووا يالٽا لڳ ازوف سمنڊ جو ڪنارو
پاڻي جو قسم سمنڊ
اھم داخلي وھڪرا ڊون ندي ۽ ڪوبان ندي
سامونڊي طاس روس ۽ يوڪرين
وڌ کان وڌ ڊيگھ 360 km (220 mi)
وڌ کان وڌ ويڪر 180 km (110 mi)
سطحي پکيڙ 39٬000 km2 (15٬000 sq mi) [1]
سراسري اونھائي 7 ميٽر (23 ft)
وڌ کان وڌ اونھائي 14 m (46 ft)
پاڻي جو حجم 290 km3 (240×10^6 acre·ft)

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Marine Litter Report". 
  2. "Sea of Azov". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 2015-11-26. 
  3. "Map of Sea of Azov". worldatlas.com. حاصل ڪيل 2015-11-26. 
  4. The New Encyclopædia Britannica. 1. 2005. p. 758. ISBN 978-1-59339-236-9. "With a maximum depth of only about 46 فٽ (14 m), the Azov is the world's shallowest sea" 
  5. Academic American encyclopedia. 1. Grolier. 1996. p. 388. ISBN 978-0-7172-2064-9. https://books.google.com/books?id=aeBEAAAAMAAJ&q=Azov+%22shallowest+sea%22. "The Azov is the world's shallowest sea, with depths ranging from 0.9 تائين 14 m (3.0 تائين 45.9 ft)" 
  6. National Geographic. 185. National Geographic Society. 1994. p. 138. https://books.google.com/books?id=7dWAAAAAMAAJ&q=Azov+%22shallowest+sea%22. 
  7. "Earth from space". NASA. وقت 2011-05-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)