ديھ ڏيرا(انگريزي: Deh Dera) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڏيرا تپي ۾ واقع آهي. ديھ ۾ لاڙڪاڻو نصيرآباد روڊ تي واقع ڏيرا ڳوٺ جو نالو ھن ديھ تي پيل آھي.

ڏيرا (نصيرآباد)
ديھ ڏيرا
ديھ
Deh Dera
ڏيرا (نصيرآباد) is located in سنڌ
ڏيرا (نصيرآباد)
ڏيرا (نصيرآباد)
ڏيرا (نصيرآباد) is located in Pakistan
ڏيرا (نصيرآباد)
ڏيرا (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°24′14″N 67°57′56″E / 27.40389°N 67.96556°E / 27.40389; 67.96556مڪانيت: 27°24′14″N 67°57′56″E / 27.40389°N 67.96556°E / 27.40389; 67.96556
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 7,383

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ مڏن ڏيرا، ڳوٺ ڏيرا جنھن لڳ مھاڻن جو مقام، ۽ ٽي ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا.[2] ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏيرا، ڳوٺ مڏن ڏيرا، ڳوٺ نچراڻي معروف آھن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چؤديرو، اوڀر ۾ ديھ بٺ ڏيرا، اولھ ۾ ديھ گل سانگھرو ۽ ديھ واسو ڪلھوڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ بٺ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 7,383 ھئي جيڪا 1,236 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]