ڌامراھو (نصيرآباد)


ديھ ڌامراھو(انگريزي: Deh Dhamraho) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڌامراھو تپي ۾ واقع آهي.

ڌامراھو (نصيرآباد)
ديھ ڌامراھو
ديھ
Deh Dhamraho
ڌامراھو (نصيرآباد) is located in سنڌ
ڌامراھو (نصيرآباد)
ڌامراھو (نصيرآباد)
ڌامراھو (نصيرآباد) is located in Pakistan
ڌامراھو (نصيرآباد)
ڌامراھو (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°18′38″N 67°58′07″E / 27.31056°N 67.96861°E / 27.31056; 67.96861مڪانيت: 27°18′38″N 67°58′07″E / 27.31056°N 67.96861°E / 27.31056; 67.96861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 4,581

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق اھا ديھ وارھ تعلقي جو حصو ھئي ۽ ان وقت ھن ديھ ۾ پڊ پراڻو ڌامراھي جو ۽ ان کان ڪجهه فاصلي تي رشيد فقير وارو مقام، ڳوٺ ڪريم بخش جتوئي ۽ ان سان لڳولڳ ڳوٺ ڌڻي بخش جتوئي ۽ ڳوٺ سائينداد کوکر ۽ ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ پراڻا ڳوٺ غيرمعروف ٿي يا ڦٽي ويا آهن ۽ موجوده ڳوٺن ۾ ڳوٺ نبي بخش سنجراڻي، ڳوٺ محمد ابراهيم باکاڻي، ڳوٺ مسو ڪانڌڙو، واڙي کوکر، بستي غلام رسول، ڳوٺ دائود ڪانڌڙا شامل آھن

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گوڪو، اوڀر ۾ ڏوڪري تعلقي جي ديھ مرزائي ۽ ديھ باڊھ، اولھ ۾ ديھ آڏي ڌامراھو ۽ ڏکڻ ۾ ميھڙ تعلقي جي ديھ ڪانڌڙا ۽ ديھ بوٿرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ديھ جي ڏاکڻي دنگ سان ڌامراھ واھ وھندڙ آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,581 ھئي جيڪا 478 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]