ڊرگھ بالا
ڊرگھ بالا انگريزي (Drigh Bala) دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ گاج ندي جي ڪناري هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي. درگھ لفظ ڊرنگ مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي مٿانهين يا ڊرٻ. هڪ ڊرگھ هيٺين آهي ۽ ٻي ڊرگھ مٿين يا بالا. ميان نصير محمد ڪلھوڙو پنهنجي دؤو (1692ع- 1657ع) ۾ ميرن کي ڪاڇو ۾ جاگيرون ڏنيون ته اول ڊرگھ هيٺين وارو ڳوٺ ٻَڌي ويٺا جيڪا موجوده شهر ڊرگھ بالا جي اوڀر ۾ ڇنڊڻ ويجهو آهي. ان کان پوءِ ڊرگهه بالا جو شهر ٻڌائون. ڊرگھ بالا شهر وري ٻه آهن. هڪ پراڻي ڊرگهه بالا ۽ ٻي نئين. ڊرگهه بالا. پراڻي ڊرگھ بالا صفحه هستيءَ تي نه رهي آهي. موجوده ڊرگھ بالا شهر مير سليمان خان عرف مير ڪَڪي ۽ مير صوبدار خان اول ٻڌو هو. مير صوبدار جو مدفن باغو چانڊيو سان گڏ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ آهي ۽ مير ڪڪو سندس پُٽ مير ماڻڪ، مير ڃٽو، مير سائنداد ۽ مير الهيارخان اول ڊرگھ بالا ڀرسان هاڻوڪي مير الهيار خان اول واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. ڊرگھ بالا ۾ مير ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ڏينهن تائين باقاعده رهائش پزير هئا. هيءُ مير ماڻڪاڻي نک سان مشهور آهن. ڊرگھ بالا کان پوءِ ماڻڪاڻي مير ميرپور خاص شهر ۾ لڏي ويا. سندن پونيرن مان مير شهداد خان شهدادپور شهر ٻَڌايو. هت مير اٽڪل 1958ع تائين رهيا.مقامي ماڻهو ٻُڌائن ٿا ته هڪ مير صاحب جوهي ۾ باهوٽه محله واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. ڊرگھ بالا ۾ هاير سيڪنڊري تائين تعليم جي سهوليت آهي. ڊرگھ بالا ۾ بوائز هاءِ اسڪول[1] سان گڏ رورل هيلٿ سينٽرا(سپتال)[2]، گرلز ءَ بوائيز پرائيمري اسڪول پڻ آهن.[3]
ميرن جو ڪوٽ
سنواريوڊرگھ بالا ۾ذبون حال ميرن جو ڪوٽ آهي. ڪوٽ هن ڪوٽ ۾ سندن رهائش به هوندي هئي ته ڇيڙي نبيريءَ لاءِ اوطاق يا بيٺڪ به هوندي هئي. هن ڪوٽ کي چئني ڪُنڊن وٽ برج جوڙايل آهن. ميرن جي ڪوٽ ۾ ڪجهه وقت پرائيمري اسڪول قائم رهيو.
مولوي سالار جي مسجد
سنواريومولوي سالار پنهنجي دور جو جيّد عالم ۽ عربي فارسيءَ تي مهارت رکندڙ شخص هو. سندس جنم لڳ ڀڳ 1890ع ۾ ٿيو ۽ اٽڪل 92 سالن جي ڄمار ۾ 1982ع ۾ وفات ڪيائين. هن ڊرگھ بالا شهر ۾شاندار مسجد جوڙائي ان ۾ مدرسو پڻ قائم ڪيائين جنهن مان ڪيئي قرآن شريف پڙهيا ۽ عربي فارسي جي علوم مان مستفيض ٿيا. مسجد اڄ به شاندار ڏيک سان قائم آهي.[4]
ڊرگھ بالا شهر جا ڪاريگر
سنواريوآڳاٽي زماني ۾ ڳوٺ ڳاڙهي کان پوءِ ڊرگھ بالا شهر چٽسالي ۽ فن تعمير ۾ مهارت رکندڙ ڪاريگرن جو ڳڙھ رهيو. مقبرن جي تعمير ۽ انهن جي ديوارن تي چٽساليءَ جا شاھ ڪاريگر رهندا هئا. هيءُ ڪاريگر ڪاڇي جي علائقي ۾ جيهي کان شهداد ڪوٽ تائين قبرون ۽ مقبرا تعمير ڪري انهن جي ديوارن تي چٽسالي ڪندا هئا. هيءُ ڪاريگر رنگن ٺاهڻ ۾ به مهارت رکندا هئا. سنڌي اسڪول آف آرٽ آف پينٽنگ جي بانين ۾ شمار ڪجن ته وڌاءُ نه ٿيندو. هيءُ اسلامي آرٽ، گلن ۽ پنن واري اربيسقيُو (Arabesque) آرٽ، ڪئليگرافي، مغل آرٽ کان علاوه راجپوتانه، ڪڇ ۽ هندستان جي ٻين آرٽ آف پينٽنگ کان به واقف هئا.
نارن تي ٿيندڙ فصل
سنواريوآڳاٽي وقت ۾ ڊرگھ بالا جوهي تعلقي جو اڪيلو شهر هو جتي نارن تي آبادي ٿيندي هئي.نار کوھن تي رکيل هوندا هئا. ٻين فصلن سان گڏ ڊرگھ بالا شهر ترڪاريءَ ۾ سڄي تر ۾ مشهور هو. ڊرگھ بالا ۾ بصرن ۽ پتائي گجرن جون خاص جنسون هونديون هيون جيڪي ٻئي هنڌ نه ٿينديون هيون. اڳي پوري تعلقي ۾ گهورڙيا ڊرگھ بالا جي ترڪاري وڪرو ڪندا هئا.[5][6][7]
حوالا
سنواريو- ↑ Govt. Boys High School Drigh Bala, Johi, Dadu
- ↑ https://arynews.tv/en/cm-sindh-bulk-supply-medicines-govt-hospitals/
- ↑ Govt. Girls Primary School Drigh Bala, Johi, Dadu
- ↑ عزيز ڪنگراڻيءَ جو بلاگ: ڊرگھ بالا شهر
- ↑ Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani
- ↑ Blogger
- ↑ Heritage: Legends on the walls - Newspaper - DAWN.COM