ڇوڪرين جو عالمي ڏھاڙو

نينگرين جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن جي طرفان هڪ بين الاقوامي رسمي ڏھاڙو آھي . اھو ڇوڪرين جو ڏينھن ۽ ڇوڪرين جو بين الاقوامي ڏينھن طور پڻ سڏيو وڃي ٿو. 11 آڪٽوبر ، 2012 تي، نينگرين ٻارن جو پهريون ڏينهن ملھايو ويو هو. ھي رسمي ڏينھن ڇوڪرين لاءِ وڌيڪ موقعن جو سهارو ڏئي ٿو ۽ سڄي دنيا جي ڇوڪرين کي درپيش صنفي بنياد تي صنف جي عدم تشدد جي شعور کي وڌائي ٿو. هي اڻ برابري جن شعبن ۾ آھي تن ۾ تعليم تائين رسائي Right to education، کاڌو خوراڪ نشونما (نيوٽريشن)، قانوني حق، طبي خيال، ۽ ڊسڪرمنيشن کان تحفظ، عورتن تي تشدد ۽ زبردستي ٻالڪپڻ ۾ پرڻو شامل آهن. [1] ڏينهن جي جشن پڻ "ڇوڪرين ۽ نوجوان عورتن جي ڪاميابي امرجنس پيداوار کي ترقياتي پاليسي، پروگرامنگ، مهم ۽ تحقيق ۾ مختلف ڪردار ادا ڪري ٿو." [2]

International Day of the Girl Child
عرفيت International Day of the Girl, ڇوڪرين جو ڏھاڙو
قسم عالمي
اهميت Raising awareness of issues facing girls internationally, such as education, nutrition, forced child marriage, legal rights, and medical rights
تاريخ 11 آڪٽوبر
دورانيو 1 ڏينھن
تقرر سالياڻو
پهريون دفعو 11 آڪٽوبر 2012

پس منظر سنواريو

ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن دنيا ۾ ڇوڪرين کي پيش ايندڙ مسئلن ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي سجاڳي وڌائي تو. گهڻا عالمي ترقياتي منصوبا ڇوڪرين کي شامل ڪرڻ يا غور ڪرڻ کي نظرانداز ڪن ٿا، ۽ انهن جا مسئلا "غير معمولي" بڻجي وڃن ٿا. [3] يوايس ائڊ USAID مطابق، 2014 دوران دنيا ۾ 62 ملين کان وڌيڪ ڇوڪرين کي تعليم تائين پھچ نہ ھئي. [4] سموري دنيا ۾ مجموعي طور تي، 5 سال کان 14 سالن جي عمر جون ڇوڪريون ساڳئي عمر جي ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ 160 ملين کان وڌيڪ ڪلاڪ ھائوس ڪيپنگ يعني گھريلو ڪم ڪن ٿيون. [5] عالمي طور، چئن منجھان ھڪ ڇوڪريون 18 سال جي عمر کان اڳ پرڻجي وڃن ٿيون. [6] 11 آڪٽوبر، 2016 تي، ايما واٽسسن ، گڏيل قومن جي عورتن جي خيرخواھ سفير، ٻالڪپڻ ۾ ٻارن جي پرڻي جي خاتمي لاءِ سڄي دنيا ۽ خاندانن کي زور ڀريو. [7] سموري دنيا ۾ گھڻيون ئي ڇوڪريون جنسي تشدد جي عمل جو شڪار آھن ۽ ڏوھ ڪندڙ Suspect کي گھڻي قدر سزا ناھي ملندي [8]

نينگرين جو ڏھاڙو نہ رڳو مسئلا جيڪي ڇوڪرين کي منھن ڏيڻا پون، پر انھن مسئلن جي حل ڪرڻ کانپوءِ امڪان طور ڇا ٿيندو بابت سجاڳي پيدا ڪري ٿو. مثال طور، ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ سان ٻالڪپڻ وارو پرڻو يا ننڍي عمر ۾ شادي، بيماري جي شرح گھٽائڻ ۾ مدد ملندي، ۽ ڇوڪرين کي وڏي پگھار وارين نوڪرين ڏانھن رسائي ڏيڻ ۾ سھڪار ڪرڻ سان معيشيت کي سگھارو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. [9] [10]

تاريخ سنواريو

 
2014 ع ۾ نينگرين جو عالمي ڏھاڙو واري تقريب ۾ ڇوڪريون

پلان انٽرنيشنل، ھڪ غير-سرڪاري تنظيم جيڪا سموري دنيا ۾ ڪم ڪري ٿي، جنھن جي منصوبي طور ڇوڪرين جو عالمي ڏھاڙو جي شروعات ٿي. [11] مشاهدو ۽ جشن جي عالمي ڏينهن لاءِ اهو خيال پلان انٽرنيشنل جي مھم ڇو تہ آئون هڪ ڇوڪري آهيان، سان وڌيو، جيڪو عالمي سطح ۽ خاص ڪري ترقي پذير ملڪن ۾ ڇوڪرين جي پالنا جي اھميت لاءِ سجاڳي وڌائي ٿو. ڪينيڊا ۾ پلان انٽرنيشنل جا نمائندا سھڪارين جي اتحاد کي ڳولھڻ لاءِ ڪئناڊا جي وفاقي حڪومت سان ملي عالمگير سجاڳي پيدا ڪئي. نيٺ، پلان انٽرنيشنل گڏيل قومن کي شامل ٿيڻ جي لاءِ چيو. [12]

عالمگير واقعا سنواريو

سوشل ميڊيا تي ان جي شروعات، ھيش ٽيگ #ڇوڪرين_جو_ڏھاڙو، #نينگرين_جو_ڏھاڙو، #ڇوڪرين_جو_عالمي_ڏينھن، #dayofthegirl استعمال ڪري ڏھاڙي جي تقريب ۽ سماچارن کي ٽريڪ ڪري ٿي.[13]

پڻ ڏسندا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "As Malala Recovers, U.N. Marks International Day of the Girl Child". Los Angeles Times. 11 October 2012. http://latimesblogs.latimes.com/world_now/2012/10/united-nations-malala-girls-education.html. 
  2. Hendricks, Sarah; Bachan, Keshet (2015). "Because I Am a Girl: The Emergence of Girls in Development". in Baksh, Rawwida. The Oxford Handbook of Transnational Feminist Movements. Oxford University Press. pp. 895. ISBN 9780199943494. https://books.google.com/books?id=uepcBgAAQBAJ&lpg=PA903&dq=%22international%20day%20of%20the%20girl%22&pg=PA895#v=onepage&q=%22international%20day%20of%20the%20girl%22&f=false. 
  3. "World Gears for First Ever 'International Day of the Girl Child'". Al Arabiya. 6 October 2012. http://english.alarabiya.net/articles/2012/10/06/242172.html. 
  4. https://web.archive.org/web/20140701153244/http://www.usaid.gov/letgirlslearn. وقت 2014-07-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Missing or empty |title= (مدد)
  5. Haynes, Suyin (11 October 2016). "What to Know About the UN's International Day of the Girl". Motto (TIME). http://motto.time.com/4526281/international-day-girl-2016/. 
  6. Ford, Liz (11 October 2016). "How Are You Marking International Day of the Girl? Share Your Stories". The Guardian. https://www.theguardian.com/global-development/2016/oct/11/how-are-you-marking-international-day-of-the-girl-share-your-stories-guardianwitness. 
  7. Beck, Christina (11 October 2016). "Emma Watson's Powerful Words on International Day of the Girl". The Christian Science Monitor. http://www.csmonitor.com/World/2016/1011/Emma-Watson-s-powerful-words-on-International-Day-of-the-Girl. 
  8. Picq, Manuela (11 October 2012). "A Much Needed International Day of the Girl". Al Jazeera. http://www.aljazeera.com/indepth/opinion/2012/10/20121010614437332.html. 
  9. Krache, Donna (11 October 2012). "Education a Focus on International Day of the Girl Child". CNN. http://schoolsofthought.blogs.cnn.com/2012/10/11/education-a-focus-on-international-day-of-the-girl-child/. 
  10. Crittenden, Camille (8 October 2012). "International Day of the Girl: Why Science & Math Programs Matter". The Huffington Post. http://www.huffingtonpost.com/camille-crittenden/science-math-programs-matter_b_1944249.html. 
  11. "Challenge Accepted! Canadian leaders to give up their seats to acknowledge that 'Girls Belong Here' on International Day of the Girl". Canada Newswire. 28 September 2016. http://search.ebscohost.com/login.aspx?direct=true&db=bwh&AN=201609280700CANADANWCANADAPR.C2019&site=ehost-live. 
  12. Ma, Katy (10 October 2013). "What Is the International Day of the Girl Child?". The Huffington Post. http://www.huffingtonpost.com/katy-ma-/international-day-of-the-girl_b_4080548.html. 
  13. Allen, Lasara Firefox (2016). Jailbreaking the Goddess: A Radical Revisioning of Feminist Spirituality. Llewellyn Publications. ISBN 9780738748900. https://books.google.com/books?id=CXdTDAAAQBAJ&lpg=PT78&dq=%22international%20day%20of%20the%20girl%22&pg=PT78#v=onepage&q=%22international%20day%20of%20the%20girl%22&f=false. 

ٻاھريان ڳنڍڻا سنواريو