چوڌري غلام محمد (یڪم آڪٽوبر، 1916ع، جالندھر۔ 29 جنوري، 1970ع، ڪراچي) جماعت اسلامي پاڪستان جي پهرين ميمبرن ۽ هڪ معروف اڳواڻ هو. سال 1953ع ۾ سنڌ صوبي ۽ ڪراچي ضلعي جو امير چونڊيو ويو ۽ سال 1957ع ۾ ٻن مهينن لاءِ جماعت اسلامي پاڪستان جو امير ٿيو. گهڻو وقت جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي امير جي عهدي تي فائز رهيو. چوڌري غلام محمد جماعت اسلامي کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن ڪيترن ئي عالمي اسلامي ڪانفرنسن ۾ جماعت اسلامي جي نمائندگي ڪئي. سال 1959ع ۾ سنڌ جي تعلقي ھالا تعلقو جي گوٿ ڊیپر ۾ شاهه ولي الله اوريئنٽل ڪاليج ۽ سال 1963ع ۾ ڪراچي ۾ اسلامڪ ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽ جو بنیاد رکیو۔ سال 1970ع ۾ ڪراچي ۾ روزاني جسارت، ڍاڪا ۾ روزانو سنگرام ۽ ماهوار چراغ راھ اوهان جي نگرانيءَ ۾ شايع ٿيو. سواحلي زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو شايع ڪرايو۔ سندس وفات 29 جنوري، 1970ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو ۽ جنازي نماز امير جماعت اسلامي سيد ابوالاعلٰي مودودي پڙهایو۔

لَاۤ اِكۡرَاهَ فِى الدِّيۡنِ​ۙ قَد تَّبَيَّنَ الرُّشۡدُ مِنَ الۡغَىِّ​ۚ فَمَنۡ يَّكۡفُرۡ بِالطَّاغُوۡتِ وَيُؤۡمِنۡۢ بِاللّٰهِ فَقَدِ اسۡتَمۡسَكَ بِالۡعُرۡوَةِ الۡوُثۡقٰى لَا انْفِصَامَ لَهَا​​ ؕ وَاللّٰهُ سَمِيۡعٌ عَلِيۡمٌ‏ ٢٥٦

اَللّٰهُ وَلِىُّ الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا يُخۡرِجُهُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوۡرِ​ؕ  وَالَّذِيۡنَ كَفَرُوۡۤا اَوۡلِيٰٓـــُٔهُمُ الطَّاغُوۡتُۙ يُخۡرِجُوۡنَهُمۡ مِّنَ النُّوۡرِ اِلَى الظُّلُمٰتِ​ؕ اُولٰٓٮِٕكَ اَصۡحٰبُ النَّارِ​​ۚ هُمۡ فِيۡهَا خٰلِدُوۡنَ‏ ٢٥٧

دين ۾ ڪابه جبر نه آهي، گمراهيءَ کان هدايت پڌري ڪئي وئي آهي، پوءِ جنهن طاغوت کي رد ڪيو ۽ پوءِ الله کي مڃيو، پوءِ ان هڪ اهڙو مضبوط حلقو رکيو آهي جيڪو ڪڏهن به ٽٽڻ وارو نه آهي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. الله مؤمنن جو نگهبان آهي ۽ (ان جي برعڪس) جن ڪفر ڪيو تن جا اولياءَ (مددگار ۽ مددگار) طاغوت آهن. انهن کي روشنيءَ مان ڪڍي اوندهه ۾ آڻن ٿا. هي دوزخي ماڻهو آهن اُھي ان ۾ ھميشه رھندا.

حوالا سنواريو