ڀٽائيپيڊيا
ڀٽائي پيڊيا (Bhittaipedia) شاهه جو رسالو تي هڪ پروجيڪٽ آهي، جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا سمورا تالیف، ترجما، ڪتاب، تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن. هي پروجيڪٽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ، حيدرآباد، سنڌ پاڪستان پاران تيار ڪيو ويو آهي.[1]
Screenshot | |
سائيٽ جو قِسمُ |
آن لائن انسائيڪلوپيڊيا |
---|---|
مکيه دفتر | |
اصل ملڪ | پاڪستان |
ڌڻي | عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ |
يوآرايل | bhittaipedia |
تجارتي | نه |
موجوده حيثيت | سرگرم |
جوڙجڪ
سنواريوخيال جي ترقي ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي ماهر امر فياض ٻرڙو جي هئي، جنهن ڀٽائي پيڊيا جو تصور پيش ڪيو، جتي مختلف ليکڪن پاران ڪيل شاهه جو رسالو جا سمورا ترجما ۽ تحقيقي مقالن سميت ڪتابن کي انسائيڪلوپيڊيا وانگر هڪ ويب سائيٽ تي شايع ڪري سگهجي ٿو. جانورن، پکين، ماڳن ۽ انساني ڪردارن جو سائنسي ڊيٽا جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو هو، تحقيقي پورٽل ۾ مهيا ڪيو ويندو. پوءِ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ ان پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو.[2][3]
ٻوليون
سنواريوسنڌي ڀٽائي پيڊيا جي بنيادي ٻولي آهي، جڏهن ته ويب ايپليڪيشن تي انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ پنجابي ترجما موجود آهن. هر هڪ آيت جو ديوناگري ۽ لاطيني ٽائپوگرافي ۾ ترجمو پڻ شايع ڪيو ويو آهي. مصنوعي ذهانت (AI) ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي، ڀٽي پيڊيا ويب پورٽل صارفين کي 130 مختلف ٻولين ۾ مشيني ترجمي سان مهيا ڪري ٿي.[4][5][6]
پڻ ڏسو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ Siddiqui, Tahir. "Sindh Assembly pays rich tribute to Shah Latif on 278th urs". DAWN.COM.
- ↑ Samoon, Hanif. "Bhittai's poetry collection to be published on Bhittai Pedia Application". Samaa.
- ↑ "SA pays glowing tribute to Shah Abdul Latif Bhitai". The Nation.
- ↑ "Poets, scholars, researchers for digitalisation of Shah Latif's poetry". The Nation.
- ↑ "Bhitai's Urs concludes with spiritual bliss". The Express Tribune.
- ↑ Khan, Mohammad Hussain. "Literati call for digitising Bhitai's poetry to globalise saint's message". DAWN.COM.