ڀاٽيا رسم الخط (Bhatia Script) ٺٽي جا ڀاٽيا ڪتب آڻيندا هئا. البيرونيءَ مطابق ارڌناگري رسم الخط، ڀاٽيہ رسم الخط پنجاب ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ ڪتب ايندو هو. خاص طور ٺٽي جا ڀاٽيا هن رسم الخط ۾ پنھنجو علم ادب ۽ ڪاروبار لکندا هئا. عربن جي اچڻ کان گهڻو اڳ هي رسم الخط جاري هو. ڀاٽيا رسم الخط جو استعمال بہ الڳ هوندو هو. مثال طور ٺٽائي ڀاٽين جو الڳ رسم الخط هوندو هو ۽ سيوهاڻي ڀاٽين جو الڳ رسم الخط هوندو هو. [1]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.