ديھ پکو(انگريزي: Deh Pakho) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا خيرپور جوسو تپي ۾ واقع آهي.

پکو (قمبر)
ديھ پکو
ديھ
Deh Pakho
پکو (قمبر) is located in سنڌ
پکو (قمبر)
پکو (قمبر)
پکو (قمبر) is located in Pakistan
پکو (قمبر)
پکو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E / 27.67944; 67.78917مڪانيت: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E / 27.67944; 67.78917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 9,014

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1909 کان 1962ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳڙهي سرائي غلام علي خان اسراڻ، ڳوٺ سڀاڳو رند، ڳوٺ موسرذن رند، ڳوٺ سجاول رند، ڳوٺ ديدڙ، ڳوٺ علي محمد ورک، ڳوٺ پناھ کچي ۽ ڳوٺ پکو واقع ھئا. 1909 ۾ اھا ديھ تپو ميل ۾ واقع ھئي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1889ع جي ڀولا ڪلهوڙا ديھ جي نقشي ۾ ھن ڳوٺ جو نالو پوڪن جو ڳوٺ ڏيکاريل ھيو ۽ ايئن لڳي ٿو تہ ويھين صديءَ جي شروعات ۾ ان جو نالو پوڪن مان پکو ٿي ويو ھوندو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء جڏھن تپو خيرپور جوسو قائم ڪيو ويو تہ ھن ديھ کي ان نئين تپي ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ان ديھ ۾ واقع ڳوٺن جا نالا ڳوٺ ڦاڪيو، ڳوٺ سڀاڳيو خان مغيري، ڳوٺ پکو، ڳوٺ سرائي غلام علي اسراڻ، ڳوٺ يار محمد مغيري، ڳوٺ ديدڙ، ڳوٺ گھوگھاري، ۽ نئون ڳوٺ آھن. ڳوٺ پناھ کچي ھاڻي گھوگھاري ڳوٺ سڏجي ٿو. ديدڙ ۽ پناھ کچي وچ ۾ واقع ڳوٺ علي محمد ورک ھاڻي بہ قائم آھي پر اھو غيرمعروف ٿي چڪو آهي. رندن جا ڳوٺ ھاڻي ڦٽي چڪا آهن ۽ مغيرين جا ڳوٺ ۽ ڳوٺ ڦاڪيو ويھين صديءَ ۾ قائم ٿيا.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ خيرپور جوسو، اوڀر ۾ تعلقو لاڙڪاڻو، اولھ ۾ ديھ ڀولا ڪلهوڙا، ديھ گھوگھارو ۽ نصيرآباد تعلقي جي ديھ چؤديرو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ نصيرآباد تعلقي جي ديھ ڏيرا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ڳوٺ ديدڙ کان ھڪ ڪلوميٽر ۽ ڳوٺ گھوگھاري کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي لنگھ ڍنڍ واقع آهي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 9,014 ھئي جيڪا 1,487 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]