پير پاڳارا خاندان

پاڳارا پير، سنڌ جو هڪ معروف گهراڻو آهي. سندن شجره نسب حضرت امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو.

سندن وڏي سيد علي مڪي هاشميرح پنجينءَ صديءَ هجريءَ ڌاري عباسي خلافت واري دور ۾ اسلامي لشڪر سان سنڌ جي والي راجا دلوراءِ سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏني هئي. ان بعد هو سيوهڻ شريف جي اتر طرف ڀڳي ٽوڙي جبل ويجهو لڪيءَ جي مقام ’چشمه هارون‘ وٽ اچي رهيو. ڳچ وقت عبادت ۽ رياضت کان پوءِ پنهنجي وطن عرب موٽي ويو، پر سندس چار فرزند هتي رهيا. سندس اولاد مان سيد محمد شاهه عرف ’شاهه صدر‘، ولايت جي اعليٰ درجي تي پهتو، ان لاءِ روايت آهي ته خواجه معين الدين چشتي اجميريءَ (متوفي 633ھ/ 1235ع) به ساڻس ملاقات ڪئي هئي. شاهه صدر سان اها روايت به منسوب آهي ته هن حضرت شهباز قلندر کي سيوهڻ شريف ۾ مستقل رهڻ لاءِ راغب ڪيو هو. ’شاهه صدر‘ جي پوٽي (سيد غازي شاهه جي خليفي) جي فيض مان سنڌ جا تمام گهڻا ماڻهو فيضياب ٿيا. شاهه صدر لڪياريءَ جي فرزندن مان سيد محمود شاهه لڪياري هڪ عارف ۽ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي، جنهن جي اولاد مان غالباً ڏهين پيڙهيءَ مان سيد خدا بخش شاهه عرف سيد کٽڻ شاهه پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ لڪي شاهه صدر مان لڏي ضلعي خيرپور جي ڳوٺ رسول پور عرف سائدي ننڍي، ديهه گاگڙي (تعلقي گمبٽ) ۾ اچي رهيو. سيد کٽڻ شاهه کي ست فرزند ٿيا، جن مان سيد عثمان شاهه علم ۽ عرفان ۾ مرتبي وارو بزرگ ٿيو. ان بزرگ جي اولاد مان اڳتي هلي سيد امام شاهه لڪياريءَ جي اولاد مان سيد محمد بقا شاهه شهيد عرف ’پٽ ڌڻي‘ رشد ۽ هدايت، علم ۽ ادب ۾ وڏو مقام ماڻيو.

حب الوطني

سنواريو

هن خاندان سر زمين سنڌ ۽ برصغير ۾ توحيد ۽ رسالت جي تعليم کي عام ڪرڻ سان گڏ حب الوطنيءَ جي تاريخ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جاني ۽ مالي قرباني ڏيڻ ۾ هن خاندان جو وڏو مقام آهي. هن خاندان جا مريد ۽ پوئلڳ جيسلمير، راجسٿان ۽ سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن. هن خاندان جي خليفن جو تعداد هر دور ۾ 12 هوندو آهي، جن جي مٿان هڪ وڏو خليفو مقرر هوندو آهي. خليفن وٽ ٻارهن ئي مهينا هڪ هڪ مهيني جي حساب سان پوري جماعت ۽ درگاهه جو انتظام ورهايل هوندو آهي. جماعت جي فيصلن لاءِ هڪ چيف جسٽس (جج) به مقرر هوندو آهي: هن درگاهه جي ڪيترن خليفن جو روحاني فيض ۽ علمي حوالي سان وڏو نالو آهي، جهڙوڪ:

  • (1) خليفو سيد حسن شاهه جيلانيرح سوئي شريف وارو، جنهن کان ڀرچونڊيءَ جي بزرگن فيض حاصل ڪيو
  • (2) خليفو سيد جان محمد شاهه بخاري
  • (3) خليفو محمود نظاماڻي، ڪڙيي گهنور وارو. جنهن روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات ۽ مڪتوبات قلمبند ڪيا
  • (4)خليفو نبي بخش لغاري ’قاسم‘، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي.

پير ڳوٺ درگاهـه تي هر سال چار وڏا اجتماع ٿين ٿا، جن ۾:

  • (1) عيدالفطر (پهرين شوال المڪرم)
  • (2) 10 ذوالحج
  • (3) ربيع الاول (عيد ميلادالنبي)
  • (4) 27 رجب (معراج مصطفيٰ صه) اهم آهن.

هنن موقعن تي سنڌ سميت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين مريد اچي گڏ ٿيندا آهن. خاص ڪري 27 رجب تي درگاهه تي قائم جامعه راشديه ۽ ان جي شاخن مان فارغ التحصيل عالمن ۽ حافظن جي دستاربندي ٿيندي آهي. هن عظيم الشان اجتماع ۾ لکين مريدن سان گڏ، پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين عالم، مشائخ، فاضل، اديب، شاعر ۽ نعت خوان شريڪ ٿيندا آهن. جامعه راشديه هڪ خالص ديني درسگاهه آهي، جنهن ۾ ڪيترائي عالم درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف رهندا آهن. انهن استادن ۽ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو سمورو انتظام هن درگاهه جي ذمي آهي. جامعه راشديه پاران هڪ عظيم الشان لائبرري قائم ڪئي وئي آهي، جتي جديد ۽ قديم موضوعن تي هزارين ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. ان کان سواءِ قلمي نسخن ۽ نوادرات جو وڏو انگ به هن لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي. جماعت جي رهائش لاءِ وڏي پئماني تي هڪ وڏو جماعت خانو تعمير ڪيل آهي، جنهن ۾ لنگر ۽ ٻيون سموريون گهربل ضرورتون مهيا ڪيل هونديون آهن، جتي هڪ ئي وقت 10 لکن کان مٿي جماعت رهي سگهي ٿي. هن درگاهه جا مريد، عالم، فاضل، فقير، اديب، شاعر، بهادر، جانباز ۽ مجاهد هئڻ جي باوجود، قانون جا پابند، امن پسند، فرقيواريت، جهيڙي ۽ فساد کان پري آهن. وطن جي حفاظت لاءِ مرشد جي حڪم تي هر قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هن جماعت جا هزارين فرد فوجي تربيت ورتل آهن ۽ حاضر/غير حاضر ڊيوٽيءَ تي موجود آهن. پير صاحب جي مريدن جي جماعت ’حر جماعت‘ سڏجي ٿي ۽ حر جماعت جو دلپسند ۽ مخصوص نعرو ’ڀيڄ پاڳارا‘ آهي. جماعت اندر رڇ، ڪتي ۽ ڪڪڙن جي ويڙهن ۽ ٻين ان قسم جي غلط ڪارين جي منع آهي. جامعه راشديه ۽ ان جي شاخن مان فارغ التحصيل عالمن کي ’سڪندريءَ‘ جو لقب ملي ٿو، جيڪو موجوده پير پاڳاري جي اسم گرامي، سيد سڪندر علي شاهه جي نسبت سان آهي. انهن عالمن جي هڪ جدا تنظيم ’جمعيت علماءِ سڪندريه‘ قائم آهي، جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اسلامي تعليم، تدريسي، تبليغي ۽ اشاعتي سرگرمين ۾ مصروف آهي. هنن عالمن کي پير صاحب پاڳارو سَنَد ڏيندو آهي. [1]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011