پوهُه

نانڪ شاهي سنڌي هندو ڪئلينڊر جو ڏهون مهينو

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو ڏهون مهينو آهي جيڪو ناهري ۽ مانگھ جي وچ ۾ آهي.

14 ڊسمبر کان 12 جنوري تائين هوندو آهي. پوھ 30 ڏينھن جو مهينو آهي.

ٻيا نالا سنواريو

پوشا

پوش

علم نجوم ۾ سنواريو

علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي پورو اشاڍا ۽ اتر اشاڍا نکٽن جا اثر رهن ٿا .

پوھ سنڌي چوڻيون سنواريو

  • پوهه، ڪُچين کوهه

مطلب؛ پوهَه (ڊسمبر/ جنوري) جي مھيني ۾ سخت سيءَ سان گڏ، اتر اولھه کان ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن. تنھنڪري وڻن ٽڻن جا پن ڇڄي ڇڻي پوندا آهن.

  • جي پوهَه نه ورتُئه ٻڪري ۽ مانگهه نه ورتئه ڏاند،

پڇي وت ڪريندا ٻڪري ۽ وَتُ ڪريندا ڏاند.

مطلب؛ پوهه جو مھينو، خاص ڪري ٻاڪري مال لاءِ سخت ٿيندو آهي. هن موسم ۾ ٻڪرين ۾ کنگهڻ واري بيماري ٿيندي آهي. گاهه به گهٽجي ويندو آهي، تنھن ڪري سگهي کان سگهيون ٻڪريون به اگهيون ٿيو پون.

سنڌي شاعري ۾ سنواريو

جن آگ مٿان ھٿ سيڪيا ھا.

جن گڏجي پوھ گذاريا ھا.

ٿا پل پل ٿد م ياد پون.

ھو وڇڙي پوء به نه وساريا ھا.(اياز)

  • ڪاريون راتيون،پارو پوھ

سي ، سوڙ جا اوسيڙا،

ڳولا ڪن ٿا روز “اياز“

ڪنهن جي تنهنجا اوسيڙا.

حوالا سنواريو