پرڪاش ڪور

هندستاني ڳائڻي

پرڪاش ڪور (انگريزي ٻولي: Parkash Kaur) (19 سيپٽمبر 1919 - 2 نومبر 1982) پنجابي، لوڪ گيت ۽ فلم ڳائڻي هُئي. هن پشتو ۾ پڻ ڪُجھ لوڪ گيت ڳايا هيا، جِن کي ماڻهن پاران وڏي موٽ ملي هئي. پرڪاش ڪور ويهين صدي جي پنجابي لوڪ ڳائڻي (گلوڪرا) هُئي. پرڪاش ڪئور ۽ سُريندڙ ڪئور ساڳئي زماني ۾ ٻه الڳ ۽ هم زمانو ڳائڻيون هيون.

پرڪاش ڪور
پيدائشي نالو پرڪاش ڪور
پيدائش 19 سيپٽمبر 1919(1919-09-19) [1]
تعلق لاهور، برطانوي هندستان
وفات 2 نومبر 1982 (عمر 63 سال)
صنف لوڪ گيت، فلمي
پيشا ڳائڻي،
سرگرم سال 1940–1982

مُنڍائتو جيون سنواريو

پرڪاش ڪور جو جنم هاڻوڪي پاڪستان واري لاهور جيڪو ان وقت لاهور، برطانوي پنجاب ۾ هيو اُتي، هيءَ 19 سيپٽمبر 1919 تي هڪ پنجابي ڪُٽنبَ ۾ جنم ورتو هيو. هيءَ پنجاب جي ڪوئيل سَڃاتي ويندڙ ڳائڻي سريندر ڪور جي وڏي ڀيڻ هُئي. پرڪاش ڪور کي چار ڀينرن ۽ پنج ڀائر هيا. ٻنهنين ڀينرن سريندر ۽ پرڪاش جو پهريون البم (گراموفون جو رڪارڊ) 1943 ۾ آيو هيو، جنهن جو گیت "ماوان تي ڌئيان رل بٺئيان ني مائين " ان زماني ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو هيو.

زندگي ۽ سُر جو سفر سنواريو

پرڪاش سڌو جو جنم 1947 ۾ لاهور شهر ۾ گرديال سنگھ سڌو ۽ سوندر ڪور جي گهر ٿيو. هندستان جي ورهاڱي وقت ماءُ پيءُ جو قتل ٿي ويو ۽ پرڪاش کي سندس چاچو گرمک سنگھ بچائي دهلي وٺِي ويو. موتي باغ دلي (دهلي) جي سرڪاري وديا نڪيتن اسڪول کان ّ­پرڪاش سڌو شڙوعاتي تعليم حاصل ڪئي. پرڪاش کي ننڍپڻ کان ئي سنگيت ۽ سُر سان وڏو چاهه ۽ پيار هيو، جنهن جي لاءِ هن ڪيرانا سنگيت گهراڻو آگرا جي مشهور سنگيتڪار جيون لال مٺو کان ڪلاسيڪل سنگيت جي تربيت حاصل ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ هن پرڀاڪر (ٻئي) پرياگ يونيورسٽي الهہ آباد منجهان ۽ وشارد (ايمي) پرچان ڪلا مرڪز چندي ڳڙھ منجهان حاصل ڪئي. پنهنجي رڪارڊنگ گائيڪي جي شروعات هن آل انڊيا دلي ريڊيو اسٽيشن منجهان ڪئي، جتان هن چوڏهن ورهيا جي ڄمار ۾ پهريون گيت ڳايو. انکانپوءِ هن محمد رفيع، مهيندر ڪپور، آشا ڀونسلي، شمشاد بيگم سان گڏجي ڪورس گانا ڳايا هيا.

مشهور گيت سنواريو

٭ميري پلي پي گيا عملي

ني مين رو رو هو گي ڪملي

٭ميرا اشڪ لڊا چاندي دا

سر دکدا سهري جاندي دا

٭مين رهي تختي دي هلي

تون ساري رات لڀدا رها

٭تينون ا جي ڪسي دي آئي

وي نت دا سي اپا مڪ جي

حوالا سنواريو

  1. "پنجابي لوڪ گيتاں دا پرڪاش ونڊن والي-پرڪاش ڪور". حاصل ڪيل Mar 18,2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)