سريندر ڪور

هندستاني ڳائڻي (1929-کان2006)

سريندر ڪور (پنجابي ٻولي: ਸੁਰਿੰਦਰ ਕੌਰ) هڪ پنجابي ڳائڻي ۽ گيتڪار هُئي.[1] جڏهن تہ هن بنيادي طور پنجابي لوڪ گيت ڳايا، جتي کيس ان صنف جي رهنمائي ۽ مقبوليت جو اعزاز حاصل آهي، هن پلي بيڪ سنگر طور 1948ع ۽ 1952ع جي وچ۾ هن ڪُجھ هندي فلمن جي لاءِ پڻ گانا ڳايا.[2][3] هن پنهنجي پنجابي موسيقي ۾ پنهنجي ڀاڱيداري جي لاءِ،  پنجاب جي بُلبُل جو خطاب ماڻيو، سال 1984 ۾ کيس سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ، ۽ 2006 ۾ کيس پدم شري ايوارڊ مليو هيو.[4][5][6][7]

سُريندر ڪور Surinder Kaur
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو سُريندر ڪور
معروفيت پنجاب جي بُلبُل
پيدائش 25 نومبر 1929(1929-11-25)
لاهور, پنجاب, برطانوي هندستان
وفات 14 جون 2006 (عمر 76 سال)
نيو جرسي, يو.ايس.
صنف
پيشا
سرگرم سال سال 1943–کان 2006
Associated acts پرڪاش ڪور (ڀيڻ), ڊولي گليريا (ڌيءُ)

اَٽڪل ڇھ ڏهاڪن تائين سندس ڪيريئر ۾، هن پنهنجي فن جي خزاني ۾، بلهي شاهہ جي پنجابي صوفي ڪافين ۽ نند لال نورپوري، امرتا پريتم، موهن سنگھ ۽ شيو ڪمار بٽالوي جهڙن ساڳئي زماني جي شاعرن جي شعرن تي ٻڌل گيت ڳايا، جهڙوڪ "مائون تي ڌيئان"، "جُتي قصوري "،" مڌينان "،" ايهنا آکيان"چہ پون ڪيون ڪجرا" ۽ "گهمن دي رات" وغيره شامل آهن.وقت گزرڻ سان گڏوگڏ سندس پاران ڳايل شادي جا گانا، خاص طور تي "لٿي دي چادر"، "سوهي وي چيري واليا" ۽ "ڪالا ڊوريا"، پنجابي ثقافت جو هڪ اَڻمٽ حصو بڻجي چُڪا آهن.[8]

ڪور سان دهلي يونيورسٽي جي پروفيسر جوگيندر سنگھ سوڍي شادي ڪئي هئي.هن جوڙي کي ٽي ڌيئر هيون، جن ۾ سڀ کان وڏي ڌيءَ هڪ پنجابي لوڪ ڳائڻي پڻ آهي. ڊگهي وقت تائين بيماري ۾ رهڻ کانپوءِ 2006 ۾ آمريڪا جي شهر نيو جرسي ۾ ڪور پرلوڪ پڌاري وئي.

شروعاتي جيون سنواريو

سريندر ڪئور برطانوي هندستان ۾ پنجاب جي راڄڌاني شهر لاهور ۾ هڪ پنجابي سک گهراڻي ۾ ڄائي هُئي. هيءَ پرڪاش ڪور جي ڀيڻ ۽ ڊولي گليريا جي ماءٌ هُئي، جيڪي ٻئي  مشهور پنجابي ڳائڻيون آهن. هن کي ٽي ڌيئر هيو، جن ۾ ڊولي گليريا سڀني کان وڏي هُئي.[9]

ڪيريئر سنواريو

سريندر ڪور پنهنجي پيشوراڻي زندگي جي شروعات آگسٽ 1943 ۾ لاهور ريڊيو تان سڌوسنئون (لائيو پرفارمنس) ڏيڻ سان ڪئي هُئي.۽ اڳئين سال ئي 31 آگسٽ 1943 تي، هن ۽ سندس  وڏي ڀيڻ، پرڪاش ڪور  ايڇ ايم وي ليبل جي لاءِ، پهنجي پهرئين جوڙي ۾ گڏجي "" ماوان تي ڌيئيان رل بيٺيان" راڳ (ڊيئيوٽ، راڳ جيڪو ٻه ڄڻا گڏجي ڳائين) ڳايو هيو، ۽ هي ٻئي ننڍي کنڊ هند پاڪ (انڊو پاڪ) جون سپر اسٽار بڻجي اُڀريون هيون.

حوالا سنواريو

  1. Surinder Kaur
  2. "Surinder Kaur's profile". LastFM. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Check date values in: |archive-date= (مدد), Retrieved 18 Aug 2016
  3. "Tributes paid to melody queen". دي ٽريبيون newspaper. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Check date values in: |archive-date= (مدد), Retrieved 18 Aug 2016
  4. Surinder Kaur
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named to
  6. "Surinder Kaur's profile". لاسٽ ايف ايم. , Retrieved 18 Aug 2016
  7. "Tributes paid to melody queen". دي ٽربيون newspaper. , Retrieved 18 Aug 2016
  8. "Surinder Kaur leaves Delhi to settle in Punjab". دي ٽربيون newspaper. , Retrieved 18 Aug 2016
  9. "The Sunday Tribune– Books". دي ٽربيون newspaper. حاصل ڪيل 18 Aug 2016. 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو