رھمڪي بازار بگڙيل نالو رحمڪي بازار(انگريزي: Rehmki Bazar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلو جو ھڪ مشھور تاريخي ڳوٺ، جيڪو ماضيءَ ۾ ھڪ شھر ھيو جتي ڀر ۾ سنڌو درياهه جي ھڪ شاخ پراڻ درياءَ وھندو ھيو جتي ھڪ دريائي بندر واقع ھيو جيڪو گذريل اٺن ڏهن صدين ۾ مصروف بندر رھيو پر سنڌو درياهه جي وھڪري جي تبديلي جي ڪري ان جي پراڻ درياء واري شاخ ختم ٿي وڃڻ سان بندر ڦٽي ويو. رھمڪي بازار جي جاگرافيائي بيهڪ 24.31756 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.15398 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي واقع آھي . اھو ڳوٺ سمنڊ جي سطح کان 33 ميٽر اوچو آهي .سندس ڀرسان ’پراڻ ‘درياهه جي وهڪري جا نشان اڃان موجود اھن. قديم شهر ٿر جي مشھور ذات راهمن جو هو[1] رهمڪي بازار جو اوج ارڙهين صديءَ جي اڌ تائين قائم رهيو ،جيستائين سنڌو درياهه رخ نه بدلايو .ميان غلام شاهه جي وقت ۾ درياهه پنهنجو رخ بدلائي ٻئي گس سان وهڻ لڳو ،جنهن جي نتيجي ۾ پراڻ وارو وهڪرو بند ٿي ويو .ٻيو ته مير مراد علي ٽالپر جي وقت ۾ کوسن ۽ واگهيلن هن شهر کي ڦري تباهه ڪيو هو.[1] برهاڙي جي مند ۾ پراڻ وارو پيٽ بدستور جاري رهندو هو، تان جو 1762ع ۾ ميان غلام شاهه سنڌ جي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ درياء کي جيڪي بند ٻڌايا، انهن جي ڪري پراڻ وارو وهڪرو بلڪل بند ٿي ويو. رهي کُهي ڪسر 1819ع واري زلزلي پوري ڪئي، جنهن ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ ڪڇ جي رڻ واري سڄي زمين کي لوڻ کاڻ بنائي ڇڏيو. اهي ئي سبب هئا جن جي ڪري رحمڪي بازار ۽ ان کان هيٺانهون علائقو ويران ٿي ويو، ۽ سرحدي بندر اجڙي ويا.[2] سنڌ گزيٽئر جي مصنف جي. ڊبليو. سٿ وري انهيءَ تباهيءَ جي ذميواري ميان غلام شاهه تي اڇلي وڌي آهي. هو لکي ٿو ته: ”ڪڇ جي رڻ وارو ڪنارو گهڻو ڪري برباد ٿيل شهرن سان ڀريل آهي. انهن مان گهڻا شهر سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ ڪڇ جي راجا جي وچ ۾ ٿيل جنگين ۾ تباهه ٿيا. باقي بچيل 1819ع واري زلزلي ۾ پٽ پئجي ويا، رحمڪي بازار به انهن ڦٽل شهرن مان هڪ آهي. هن شهر ۾ اڃا تائين ڦٽل قبا، مزارون ۽ مسجدون دڙن جي صورت ۾ يادگار نظر اچن ٿا.“ رهمڪي بازار کي محض هڪ دريائي بندر جي حيثيت حاصل نه هئي، پر هڪ وڏي تجارتي مرڪز يا مارڪيٽ جي ڪري مشهور هو. سڻائي بندر هئن ڪري مِٺي توڙي کاري جا ٻيڙا هتي آسانيءَ سان لنگر انداز ٿيندا هئا سنڌ ۽ ڪڇ جو ڳانڍاپو به هن ئي بندرگاهه وسيلي قائم ٿي رهيو. هتان ئي ٻيڙن ذريعي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي سگهبو هو. اڪثر انگريز سياحن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن ئي بندرگاهه تان سفر ڪيو. اڄ به سنڌ ۽ ڪڇ جي درميان خشڪي وارو سفر رهمڪي بازار وٽان آساني سان ڪري سگهجي ٿو[2].ڏيپلي تعلقي ۾ رڻ جي ڪنڌيءَ تي جهونو ڳوٺ آهي. اڳي مشهور بندر هو، مگر هاڻي اها رونق ڪانه رهي[3]

نالو سنواريو

رهمڪي بازار بابت چيو وڃي ٿو ته ”راهما“ يا ”راهوما“ قوم جا ماڻهو ڪڇ مان ڪَهي اچي هن سر زمين تي آباد ٿيا، تنهنڪري انهيءَ ايراضي ۽ سندن بستيءَ کي راهمن جو شهر يا راهمن جي بازار جي نالي سان سڏيو ويو. ليڪن سنڌ گزيٽيئر ۾ هن شهر کي ”رحيمڪي بازار“ ڄاڻايو ويو آهي، يعني ته ”رحيم“ نالي ڪنهن شخص جي آباد ڪيل بستي. اهو شهر راهمن جو هجي يا رحيم جو، خود شهر جي نالي مان ئي ان جي حقيقت معلوم ڪري سگهجي ٿي. ”رحم ــ ڪي ــ بازار“ جي ٽن لفظن واري صورت مان پهريون لفظ ”رهم“ ڪنهن قوم (راهما) يا ڪنهن شخص (رحيم) جو مخفف آهي ته پوءِ ٻيو لفظ ”ڪِي“ حرف اضافت طور ڪم آيو آهي. ٽيون لفظ ”بازار“غور طلب آهي. سنڌ ۾ ”بازار“ جي نسبت سان اها واحد بستي آهي، جڏهن ته ٻيا شهر ”وَسئينء“، ”ڳڙهه“، يا ”ڪوٽ“ وغيره جي ترڪيب سان مروج آهن[2].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا(http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%B1%D9%87%D9%85%DA%AA%D9%8A%20%D8%A8%D8%A7%D8%B2%D8%A7%D8%B1&Usedin=%D9%BB%D9%84%D8%A7%D8%B1%D9%8A%20%DA%AA%D9%88%D9%BD)
  2. 2.0 2.1 2.2 مضمون :سنڌ جا ٻه قديم بندرگاھ؛ ليکڪ: محمد اسماعيل شيخ، رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 35 نمبر 3- 1986ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو