پتلين جو تماشو __(Puppet Show) ڪاٺ، ڪپڙي يا پلاسٽڪ وغيره جي ٺهيل گُڏن ۽ گُڏين يعني پتلين کي سنهن ڌاڳن يا تارن وسيلي ناچ ڪرائڻ جو سانگ. هندن جي خوشيءَ جي موقعن تي تماشي وجهندڙ پنهنجن ڪرتبن ذريعي ماڻهن جي خوب دل وندرائيندا آهن. مداري ڪاٺ جي گڏن (پتلين) کي هڪ مخصوص انداز ۾ناچ ڪرائيندا آهن . پتلين جو کيل ڊرامي جو اوائلي اهڃاڻ آهي. هن کيل ۾ باقاعدي ڪردار ٺاهيا ويندا آهن. پاڪستان ۾لاهور آرٽس ڪائونسل ۾ فيض احمد فيض جي زالايلس فيض ۽ سندس ڌين ان کي باقاعده فن طور متعارف ڪرايو ۽ رفيع پيرزاده اهڙي ٿئيٽر جي ابتدا ڪئي، جيڪو اڃا تائين ڪم ڪري ٿو. اڄ بهسنڌ توڙي هند جي ڪجهه حصن ۾ پتلين جو کيل عام آهي. ’پتلين جو تماشو‘، ادل سومري جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جي ڪتاب جو پڻ نالو آهي. [1]

Traditional hand puppets
A Kathputli show in Mandawa, Rajasthan, India

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي