سانگ
سانگ (Mime) جي معنيٰ آھي ” نقل ڪرڻ“. ارسطوءَ مطابق ڊرامو اصل جي تقليد اھي. رواجي طرح سانگ بابت ماڻھو ڄاڻي ٿو. ھي اھڙو تہ مقبول ۽ مانوس طريقو اھي، جو جڏھن انسان سمجهہ لائق ٿئي ٿو، تڏھن کان سانگ شروع ڪري ٿو. دراصل انسان جي سڄي سکيا ’سانگ‘ سان شروع ٿئي ٿي. ’سانگ‘ھوليءَ جي تقريب جو هڪ اھم حصو ھوندو اھي. پر خوشيءَ جي موقعن جھڙوڪ شادين وغيره جي تقريبن ۾ ’سانگ‘ کي اوليت ڏني ويندي آهي. هن رواج ايتري قدر تہ مقبوليت ورتي، جو انھيءَ رواج کي مسلمانن بہ اختيار ڪيو. ’سانگ‘ جي ’ڊرامي‘ واري حيثيت لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ”مناظرا“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو تہ ”’سانگ‘ سنڌ جو ڊرامو آھي، جنھن جي شروعات آڳاٽي وقت کان ٿي. مڱڻھار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ ھنرمند گروھ شادين ۽ محفلن جي موقعن تي سانگ وجهندا ھئا، جنھن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا ھئا. ھنرمند عورتون وري عورتن جي مجلس ۾ سانگ وجهنديون ھيون. اڃا تائين اھي سانگ رچايا وڃن ٿا.“[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.