پاڪستان ۾ ڪوروناوائرس مهاوبا 2020

Pandemic Corona in Pakistan 2020

ڪورونا وائرس جي مها وبا ڊسمبر 2019 ۾ پوري دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿي ۽ ان جي اثرن پاڪستان ۾ فيبروري 2020 کان اچڻ شروع ڪيو.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مها وبا، 2020ع
2020 coronavirus pandemic in Pakistan

پاڪستان ۾ ڪووڊ-19 جي تصديق ٿيل ڪيسن وارن علائقن جو ڏنل نقشو 30 مارچ 2020 موجب[1][2][3]
  تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ
  شڪي ڪيس رپورٽ
بيماري ڪورونا وائرس مرض 2019
Virus strain SARS-CoV-2
لوڪيشن پاڪستان
بيماري جو پهريون ڪيس ڪراچي، سنڌ
Arrival date فيبروري 26، 2020
(4 سالَ and 6 ڏينهنَ)
مُنڍُ چين
پَڪ ڪيل ڪيسَ 2039 (Govt. tracker)[4]
2039 (MoNHSRC confirmed)[5]
Severe cases 10 (Govt. tracker)[4]
Recovered 82 (Govt. tracker)[4]
Deaths
26 (Govt. tracker)[4]
Official website
https://covid.gov.pk

22 اپريل 2020 تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيل ماڻھن جو گڏيل انگ 201[6] ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي ڳڻپ (تعداد) 9597 آهي.[6][7] جن منجهان 2،073 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.

ڪورونا وائرس واقعا جي وقت پَٽي (ٽائم لائن) سنواريو

جنوري 2020 سنواريو

چين ۾ رهندڙ چار پاڪستاني شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي سُڃاڻپ (تشخيص) ٿي.

فيبروري 2020 سنواريو

  • 12 فيبروري 2020 تي چين ۾ رهندڙ وائرس جو شڪار ٿيل چارئي ڄڻا پاڪستاني شاگرد صحتياب ٿي ويا.
  • 14 فيبروري 2020 تي چين ۾ رهندڙ وائرس جو شڪار وَڌيڪ 2 پاڪستاني شاگرد صحت ياب ٿي ويا جڏهن تہ هڪ شاگرد علاج هيٺ آهي.
  • 23 فيبروري 2020 تي وفاقي وزير صحت ڊاڪٽر ظفر مرزا ايران جي شهر قم ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ موت تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
  • 26 فيبروري 2020 تي ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيل پهريون ماڻهوءَ جي تصديق پاڪستان تحريڪ انصاف جي وزير صحت ظفر مرزا طرفان سماجي رابطن (سوشل ميڊيا) جي سروس ٽويٽر تي هنن لفظن ۾ ڪئي ته "آئون پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس کان متاثر ٿيل ٻن ماڻهن جي تصديق ڪريان ٿو. ٻنهين ماڻهن کي ڀرپور طبي امداد ڏني وڃي پئي. ۽ انهن جي حالت اطمينان جوڳي آهي."
  • 27 فيبروري تي وفاقي حڪومت عوام جي هيلپ لائن جي شروعات ڪئي جنهن جو نمبر 1166 رکيو ويو. وفاقي وزير صحت ڊاڪٽر ظفر مرزا اعلان ڪيو تہ جيئن تہ چين، ايران کان رَوان (هلندڙ) ڏينهن ۾ سفر ڪري ايندڙ ماڻهن ۾ بخار، کنگھ يا ساهہ جي تڪليف هجي تہ تُرت هيلپ لائن تي رابطو ڪريو.
  • 28 فيبروري تي وفاقي وزير صحت ڊاڪٽر ظفر مرزا نيشنل انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ جي سهڪار سان آنلائن پليٽ فارم جي شروعات ڪئي جتي ڪورونا وائرس بابت سوالن جا جوابَ ڏنا ويا. پليٽ فارم جي ويب سائٽ آرڪائيو ڪيا ويا 2020-03-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. جو نالو ۽ انکي دوستن، مائٽن ۽ ڄآڻ سُڃاڻ وارن دوستن ساٿين تائين پکيڙڻ (ونڊڻ)جي گذارش ڪئي وئي.

مارچ 2020 سنواريو

قلم 144 لاڳو سنواريو

13 مارچ 2020 تي ڊيرا غازي خان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. 15 مارچ 2020 تي پنجاب ۾ قلم 144 لڳايو ويو. 15 مارچ 2020 تي لاهور ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون مريض سامهون آيو، 54 سال ڄمار وارو ماڻهو برطانيا کان 10 مارچ تي لاهور پهتو.

پي ايس ايل ميچ بغير تماشائي سنواريو

13 مارچ 2020 کانپوءِ پاڪستان سپر ليگ جي ميچن ۾ تماشائين جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم وڃِي ميچ ڏسڻ تي پابندي لڳائي وئي.

وائرس جي پکڙجڻ ۾ تافتان ۾ رهندڙ زائرين جو ڪردار سنواريو

ايران کان واپس موٽي آيل زائرين کي تفتان ۾ چڪاسيو (ڪرنتين) ڪيو ويو پر ٻن هفتن کانپوءِ سنڌ، خيبرپختونخوا، پنجاب ڏانهن اچڻ کانپوءِ انهن ۾ ڪورونا وائرس لڀيو ويو جنهن سان وائرس کان متاثر ٿيل ماڻهو جو تعداد 53 کان هڪ دم وَڌي 184 ٿي ويو. 16 مارچ 2020 تائين تفتان ۾ رهندڙ ايران کان آيل زائرين جو سڀ کان وڏو تعداد سکر پهتو جنهنڪري سکر ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 100 جي لڳ ڀڳ پهچي ويو. ڪراچي ۾ 26 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ مريض سامهون آيا. سموري ملڪ ۾ مريضن جو تعداد 184 ٿي ويو.

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "First coronavirus case reported in Quetta, Pakistan’s tally reaches 20". arynews.tv.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Two more cases of coronavirus surface in Sindh". thenews.com.pk.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "3 coronavirus cases detected in Rawalpindi". thenews.com.pk.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "Coronavirus in Pakistan - Confirmed Cases". www.covid.gov.pk/. حاصل ڪيل 28 March 2020. 
  5. "COVID-19 Daily Situation Report – NIH Pakistan" (PDF). www.nih.org.pk/. حاصل ڪيل 28 March 2020. 
  6. 6.0 6.1 "ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 8 فوتگيون، ڪيسن جو گڏيل انگ 9597 تي پهچي ويو". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-04-22. 
  7. "ملڪ ۾ ڪورونا فوتين جو انگ 200 کان وڌي ويو، 1013 نوان ڪيس ظاهر، 9565 متاثر". www.dailyibrat.com. حاصل ڪيل 2020-04-22. 

ٻاهِرِيَان ڳنڍڻا سنواريو