پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئشن

جڏهن پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو تہ ان وقت فرانس ۾ ڇهين عالمي اسڪائوٽ جمبوري ٿي رهي هئي. پهرين سيپٽمبر 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي اسڪائوٽ ليڊرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان بواءِ اسڪائوٽ ائسوسيئيشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 22 ڊسمبر 1947ع تي گورنر جنرل هائوس ڪراچيءَ ۾، قائداعظم محمد علي جناح، پاڪستان جي پهرئين چيف اسڪائوٽ جي عهدي جو قسم کنيو. ملڪ جو سربراھ، ملڪ جو چيف اسڪائوٽ، ۽ صوبائي گورنر، صوبي جو چيف اسڪائوٽ ٿيندو آهي. سنڌ مان سيد غوث علي شاهه چيف اسڪائوٽ ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ 10 سالن تائين پاڪستان اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو نئشنل ڪمشنر رهيو.

تنظيمي معاملن کي بهتر هلائڻ لاءِ، پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ائسوسيئيشن کي نون (9) علائقن ۾ ورهايو ويو، جن ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، آزاد ڪشمير، پاڪستان ريلوي، پي. آءِ. اي، فاٽا ۽ اسلام آباد شامل آهن.

اسڪائوٽ تحريڪ ۾ عمر جي حساب سان اسڪائوٽن کي ٽن شعبن ۾ ورهايو ويو آهي. 7 سالن کان 11 سالن جي عمر وارن ٻارن کي ”شاهين اسڪائوٽ“، 11 سالن کان 17 سالن جي عمر وارن نوجوان کي ”بواءِ اسڪائوٽ“ ۽ 17 کان 25 سالن جي عمر وارن کي ”روور اسڪائوٽ“ سڏيو ويندو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ تقريباً چار لک اسڪائوٽ ۽ اسڪائوٽ ليڊر موجود آهن

تاريخ سنواريو

 

جوڙجڪ سنواريو

 
پاڪستاني اسڪائوٽ

پاڪستان ۾ سامونڊي اسڪائوٽنگ سنواريو

 
پاڪستاني اسڪائوٽ يونيفارم تي پرچم

اسماعيلي ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس ايسوسيئشن سنواريو

 

قومي عملدار سنواريو

 
پاڪستاني اسڪائوٽ تي ايمبولم

پروگرام سنواريو

حصا سنواريو

  • 11ين تائين شاهين اسڪائوٽس / شاخ-عمر 6+
  • 11+ کان 17 سالن جي اسڪائون
  • 25 سالن کان رورز عمر 25 کان

شاهين مقصد سنواريو

شاهين جو مقصف بلند پرواز (هاء فلائي) آھي.

اسڪائوٽ مقصد سنواريو

اسڪوٽ مقصد ال Al Mustaid (تيار ٿي) آھي.

روور مقصد سنواريو

روور مقصد خدمت (سروس) آهي.

اسڪائوٽ واعدو

اسڪائوٽ ۽ روور قانون سنواريو

مھرون سنواريو

پڻ ڏسو سنواريو

  • پاڪستان گرل گائيڊ ايسوسيئيشن
  • افغانستان اسڪائوٽ ايسوسيئيشن
  • غوث علي شاھ

حوالا سنواريو

^ پاليسي، تنظيم، ضابطو (تبديل ٿيل / ترميم ٿيل 2013) نيشنل هيڊ ڪوارٽر، پاڪستان بوڪ اسڪائوٽس ايسوسيئشن ^ رحيمما اي اسڪائوٽ اڳواڻ (اسڪائوٽ ليڊر هيل بڪ)، پاڪستان بوڪ اسڪائوٽس ايسوسيشنل نيشنل هيڊ ڪوارٽر پاران شايع ٿيل

خارج گنڍڻا سنواريو