ٽوڪزني
ٽوڪ زني__طنز__سٽائر__ (Satire):
مزاح نگاري جي دنيا ۾ٽوڪ زني (satire) ھڪ اھم عنصر آھي، جنھن جو عام استعمال ٿيندو آهي. ھن جو مطلب ”مزاح براءِ اصلاح“ هوندو آهي، جنهن کي طنزيہ مزاح به چئبو آهي. ھن ۾ لفظن جي بظاھر معنيٰ ھڪڙي ھوندي اھي، پر تمثيلي طور ان جي مخالف معنيٰ پيش ڪئي ويندي اھي. بلڪ اھا معنيٰ اصل جو ضد ھوندي اھي. مثال طور چئجي تہ فلاڻو تہ ڪو بادشاھ آھي. ان جو مطلب اھو ٿيو تہ ھو بادشاھ نہ پر احمق اھي. سنڌي ادب ۾ ٽوڪ يا طنز وارو ادب لکڻ وارا تمام گهڻا نالا موجود آهن، محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجن افسانن ۾ پيرن جي بدعتن ۽ ڏاڍن تي ٽوڪ زني ڪئي اھي. شمس الدين بلبل پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ معاشرتي حماقتن تي ٽوڪ زني ڪئي اھي. امر جليل پنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشرتي مسئلن تي طنز ڪئي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي