[1] بدعت تي القرآن اڪيڊمي

بِدعَتَ:bid‘ah :(عربي ٻولي: بدعة; انگريزي ٻولي: innovation) مذھبي معاملن ۾ نواڻ يا تبديلي[1][2] بِدعَتَ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي اصطلاحي معنيٰ آهي ”ڪا اهڙي رسم يا طريقو، جنهن ۾ قرآن ۽ سنت جي پيرويءَ کان تجاوز ڪيو وڃي“. دين اسلام جي شريعت ۾ نئين رسم، جيڪا نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جي وقت ۾ نه ٿي هجي.[3] ڊاڪٽر طاهر القادري جو خيال آهي تہ لفظي ۽ اصطلاحي اختلافن باوجود اسلام جا سڀئي مڪتبہ فڪر ان امر تي متفق آهن تہ ڪنھن نئين امر جي حلت ۽ حرمت، جواز يا عدم جواز جي تعين لاءِ بدعت جي تقسيم اڻٽر آهي.ڇوتہ جيڪڏهن بدعت کي ڪنھن امتياز ۽ فرق کان سواءِ رڳو ھڪ ايڪو سمجھي نبي صه کان پوءِ ھر نئين ڪم کي ايجاد سمجھي حرام يا مردود قرار ڏجي ته دين جي تعليم ۽ اسلامي فقہ جو وڏو حصو ، اجتھاد جون سڀ صورتون، قياس سڀ ناجائز ٿي ويندا. [4] امام ابن تيميہ (728ھ) پنھنجي ڪتاب .’’منہاج السنۃ’’۾ چوي ٿو تہ عمر فاروق جو فرمان. نعمت البدعة هذهِ[5],[6] ۾ بدعت جي لغوي معني جي وضاحت ڪندي فرمايو تہ:

إنّما سمّاها بدعة لأن ما فعل ابتداء، بدعة لغة، وليس ذلک بدعة شرعية، فإنّ البدعة الشّرعية التی هی ضلالة ما فعل بغير دليل شرعی[7]
ان کي (باجماعت نماز تراويح کي) بدعت ان لاءِ چيو ويندو آهي جو اھو عمل ان کان پھريون ايئن نه ٿيو هو تنھن ڪري اھا بدعت لغوي آھي. اھا بدعت شرعي ناھي.بدعت شرعي اھڙي گمراھي آھي جيڪا دليل شرعي کانسواءِ عمل ۾ آندي وڃي.

— امام تيميہ[4]

بدعت جو لفظ فقيھن ۽ اسلامي قانوني ماھرن اھڙن عقيدن، ڪمن ۽ رسمن جي باري ۾ استعمال ڪيو آهي جيڪي قرآن ۽ سنت کان ٻاهر آھن[8]. تمام اڪابر فقيھن ، ابن تيميه (وفات:1380) جا پوئلڳن، حنبلي فقه وارن، سعودي عرب ۾ وھابي تحريڪ وارن ۽ ٻين ھر ان شئي کي رد ڪري ڇڏيو جيڪا انھن مطابق دين اندر نئين ھئي[8]. اسلام ۾ جن بدعتن جي اجازت آهي انھن ۾ عربي گرامر جو مطالعو، اسڪول ٺاھڻ، عمدہ ڪپڙا پائڻ، مھمانن کي عمدو کاڌو کارائڻ، وغيره شامل آهن[8]. مسجدون سينگارڻ ۽ قرآن جون قلمي نسخا ٺاھڻ مڪروه يا ناپسنديده بدعتون قرار ڏنيون ويون پر انھن جي منع نہ ڪئي وئي، نہ وري ان جي سزا رکي وئي[8]. بت پرستي جي بدعت کي ڪفر قرار ڏنو ويو. سني فقيھن مزارن تي ادا ڪيون ويندڙ رسمن، شيعن جي امامن لاء خيالن ۽ احمدين جي خيالن کي بت بہ بدعت جي زمري ۾ رکيو آھي[8]. جديد دؤر ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ بدعت اسلام جو سڀ کان وڌيڪ بحث وارن موضوعن ۾ شامل آهي. بنياد پرست نہ رڳو مذھبي عملن پر گھڻ مذھبي سماج جي سيڪيولر ريتن کي نندڻ لاء پڻ بدعت جو لفظ استعمال ڪن ٿا. انھن ريتن ۾ سالگره، پالتو جاندار رکڻ، موسيقي ٻڌڻ، ملڪ جي جھنڊي کي سلامي ڏيڻ شامل آھن. ساڳي خيال جي برعڪس بنيادپرستن پنھنجي عام زندگين ۾، پنھنجا ادارا ھلائڻ ۾ ۽ تبليغي ڪمن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي قبول ڪيو آهي جنھن جو قرآن ۽ سنت ۾ ذڪر ڪانھي[8]. ترقي پسند مسلمانن سٺين بدعتن جي خيال جي پذيرائي ڪئي آهي. انھن مان اڪثر خالد ابوالفضل (جنم 1963) جھڙن مفڪرن سان سھمت آھن جنھن اھو خيال ڏنو تہ جيڪا شئي اخلاقي بصيرت جي بنياد تي قائم آهي ان کي خراب بدعت قرار ڏئي رد نہ ٿو ڪري سگھجي[8].

بدعت حديث جي روشنيءَ ۾

سنواريو

حضرت عائشه روايت ڪري ٿي تہ:

من أحدث فی أمرنا هذا ما ليس منه فهو ردّ.

ترجمو:جنهن به اسان جي دين ۾ ڪا اهڙي شيءِ پيدا ڪئي جيڪا هن ۾ نه هئي ته اهو انسان مردود آهي.
— مسلم[9]، ابن ماجہ[10]، المسند احمد[11]

بدعت جا قسم

سنواريو

ڪيترن ئي فقيھن امام شافعي (وفات:820) جي خيالن جي پيروي ڪئي جنھن سٺي يا خراب بدعت فرق ٻڌايو. ان مطابق بدعت حسن سٺي بدعت آهي ۽ بدعت سيئه يا بدعت مضموم خراب بدعت آھي[8]. بدعت جا ٻه قسم آهن:

  1. بدعت حسنه
  2. بدعت سيئه

بدعت حسنه

سنواريو

بدعت حسنه جي باري ۾ مشهور آهي ته حضرت عمر هڪ رات پنهجي گهر کان ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين ته ڪجهه اصحابي رمضان جي رات ۾ الڳ الڳ نماز پڙهن پيا ته اوهان چيو اهي سڀ گڏجي نماز پڙهن ته ڪيڏو سٺو ٿيندو.

صحيح مسلم ۾ آهي ته:

جنهن اسلام ۾ ڪو سٺو طريقو ايجاد ڪيو ته ان انسان ۽ ان کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ واري کي پڻ ثواب ملندو.

— صحيح مسلم

بدعت سيئه

سنواريو

اهري نئي شيءِ جيڪا اسلام جي خلاف هجي بدعت سيئه هوندي.

بدعت جا سبب

سنواريو

بدعت جا سڀ کان وڏا سبب ھي ٿي سگهن ٿا:

  • ديني حڪمن کان لا علمي
  • پنهنجي خواهشن جي پيروي
  • ڪجهه انسانن جي راءِ کي تعصب ڏيڻ
  • ڪافرن سان مشابهت رکڻ
  1. A.C. Brown, Jonathan (2009). Hadith: Muhammad's Legacy in the Medieval and Modern World (Foundations of Islam). Oneworld Publications. p. 277. ISBN 978-1851686636. 
  2. Wehr, Hans (1994). Arabic-English Dictionary. Spoken Language Services, Inc.. pp. 57. 
  3. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلدي پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  4. 4.0 4.1 https://www.minhajbooks.com/urdu/btext/cid/4/bid/318/btid/1054/read/txt/فصل-اول-اقسام-بدعت.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  5. سانچو:مالک، المؤطا، 1 : 114، رقم، 250
  6. سانچو:ابن تيميه، منهاج السنة، 4 : 224
  7. سانچو:بخاری، الصحيح، کتاب صلاة التراويح، باب فضل من قام رمضان، 2 : 707، رقم : 1906
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 8.5 8.6 8.7 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 101,
  9. مسلم، الصحيح، کتاب الأقضية، باب نقض الأحکام الباطلة، 3 : 1343، رقم : 1718
  10. ابن ماجه، السنن، المقدمة، باب تعظيم حديث رسول اﷲ صلی الله عليه وآله وسلم ، 1 : 7، رقم : 14
  11. أحمد بن حنبل، المسند، 6 : 270، رقم : 26372