ٻاراڻا گيت (Nursery Rhymes) اها شاعري، جيڪا ٻارن جي وندر، ورونهن ۽ اخلاقي قدرن جي سکيا لاءِ لکي وڃي. اها شاعري اڪثر گيتن ۽ نظمن ۾ هوندي آهي. ٻاراڻن گيتن جي سلسلي ۾ ڪاڪي ڀيرومل جو ھي گيت اڄ تائين ھر ٻار جي زبان تي ھوندو اھي، جنھن ۾ ماءُ جي عظمت کي واکاڻيو ويو آھي: مون کي ڪنھن ٿي کير پياريو؟ پيار منجھان ٿي گود وھاريو؟ خوش ٿي ھر ھر مون ڏي نھاريو؟ منھنجي امڙ ننڊ ڦٽي مون جڏھن ٿي پئي، ڪنھن ٿي سمھاريو لولي ڏيئي ڇڏي نہ مون کي ڪيڏانھن وئي! منھنجي امڙ ماضيءَ ۾ ٻاراڻن گيتن جا شاعر، ڪشنچند بيوس، ڀيرومل ’غريب‘، قليچ بيگ، جمع خان ’غريب‘، محمد صديق ’مسافر‘، هري دلگير، استاد بخاري، شيخ اياز، وغيره ٿي گذريا آهن. جديد سنڌي شاعرن ۾ اياز گل، ادل سومرو، مقصود گل، مختيار ملڪ، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ ٻيا ٻاراڻن گيتن جا شاعر مشھور آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.