وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو مَئي

مائي ڀاڳي پاڪستان جي صوبي سنڌ سان لاڳاپو رکندڙ ناليواري لوڪ گلوڪارا هئي. مائي ڀاڳي سنڌي ۽ مارواڙي لوڪ گيتن جي ڪوئل طور مشهور فنڪارا جو جنم ونھيل فقير ۽ مائي خديجه عرف ڪسي ٻائيءَ جي گھر ۾، ڏيپلي ۾ 1920ع ڌاري ٿيو. هيءَ پنھنجي ماءُ سـان گـڏ ٻاراڻـي وھـيءَ ۾ ئي ڍاٽڪي، مـارواڙي ۽ سنڌي لوڪ گيت ۽ سھرا ڳائڻ شروع ڪيائين مائي ڀاڳي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کان راڳ جي باقاعدي تربيت ورتائين، ڀاڳي پنهنجي والد، استاد محمد جمن ۽ استاد حسين فقير کان متاثر هئي. مائي ڀاڳي پڇاڙيءَ واري عمر جو ڳچ حصو اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ گذاريو ۽ 65 سالن جي ڄمار ۾ 7 جولاءِ، 1986ع تي نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن لڳ ٿرپارڪر ضلعو، سنڌ، پاڪستان ۾ وفات ڪري وئي۔ هوءَ مهراڻي جي مير راضي شاھ گهوٽ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي آهي . جتي سندس نالي سان ”مائي ڀاڳي ڪالوني“ موجود آهي. سندس اولاد مان سندس پٽ ڪالو فقير، ڌيءَ مائي سوني ۽ پوٽو برڪت فقير پڻ اڄڪلھ لوڪ گيت ڳائين ٿا ۽ شهرت رکن ٿا.