وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو سيپٽمبر

يوگينڊا جو جهنڊو
يوگنڊا جي ڏکڻ اولھ ۾ ڪافي جو ميدان

يوگنڊا يا يوگينڊا ,يا يوگانڊا: (انگريزي: Uganda) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف يوگنڊا يا جمھوريا يوگنڊا آھي , اوڀر آفريڪا ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جنھن جي اوڀر ڪينيا، اتر ۾ ڏکڻ سوڊان، اولھ ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ڏکڻ اولھ ۾ روانڊا ۽ ڏکڻ ۾ تنزانيا واقع آھن. ھن ملڪ جي ڏاکڻي پاسي جو وڏو حصو وڪٽوريا ڍنڍ تي مشتمل آهي جنھن جا باقي حصا تنزانيا ۽ ڪينيا ۾ آھن. يوگنڊا آفريڪا ۾ ڍنڍن جي سرزمين آھي ۽ نيل درياء جي بيسن پڻ ھتي واقع آهي.