ڪافي (شربت)
(ڪافي (مشروب) کان چوريل)
ڪافي (Coffee) دنيا ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندڙ مشروب آهي. هي ڪافيءَ جي ٻوٽي ڀنل ۽ پيسيئل ٻجن منجهان حاص ٿيندي آهي. گرم ۽ ٿڌي ٻنهي قسم سان استعمال ٿيندي آهي. چانهن جي ڀيٽ ۾ ڪافي ۾ ڪيفين جي مقدار تمام وڌيڪ هوندي آهي. هيءَ پيئڻ واري کي چست ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ننڊ کي ڀڄائي ڇڏيندي آهي.
ڪافي | |
نوعيت | گرم ۽ ٿڌي (عام طور تي گرم) |
---|---|
شروعات وارو ملڪ | ايٿوپيا |
متعارف | اندازو پندرهين صدي (مشروب) |
رنگ | گهاٽو ڀورو، خاڪستري، ڪارو، هلڪو ڀورو، اڇو |
ڪافي جي ٻوٽي جو اصل وطن ايٿوپيا آهي. اتان کان هيءَ عرب ملڪن ۾ آئي ۽ اتي ان کي قهوا چيو ويو، سلطنت عثمانيا جي دور ۾ هيءَ يورپ پهتي ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي وئي.