وڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2020
گهر | ميڊيا | 2022 | 2021 | 2020 | 2019 | 2018 | 2017 | 2016 | 2015 |
اصول
مختصر لفظن ۾: ايشيائي موضوعن تي اهڙا نوان مضمون جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 3000 بائيٽس ۽ 300 لفظن تي ٻَڌل هُجن ۽ نومبر 1 کان نومبر 30 رات 12 وڳي تائين لکيا ويا هُجن.
ڄاڻايل قائدن جي تفصيل:
- توهان پاران مضمون نئون/تازو جڙيل/لکيل هُجن (اڻپورو (ڪچو مضمون) کي وڌائڻ، سنوارڻ شامل ناهي) يعني جيڪي 1 نومبر 2020 0:00 بجي کان 30 نومبر 2020 23:59 (يوٽي سي) جي وچ ۾ لکيا ويا هجن.
- مضمون گهٽ ۾ گهٽ 3،000 بائيٽ ۽ لڳ ڀڳ پورا 300 لفظن تي ٻَڌل هُجن. (انفو باڪس، ٽيمپليٽس وغيرہ مقدار ۾ نه ڳڻيا ويندا)
- مضمون (آرٽيڪل) وڪيپيڊيا معروفيت واري اهليت جي معيار تي پورا لهندا هجن.
- مضمون قابل ذڪر ايشيائي ملڪن جي موضوعن تي هُجن ۽ وڪيپيڊيا جي معيار مطابق هجن.
- مضمون جي مواد يا متن ۾ مناسب معتبر حوالا (ريفرنسز) سميت هُجن ۽ مشڪوڪ تڪراري مواد کان هٽي ڪري لکيا ويا هجن ۽ قابل تصديق ڄاڻ يعني معلومات پٽاندڙ لکيل هُجن. مضمون ۾ مشڪوڪ يا تڪراري مواد جي توثيق لاڳاپيل مضمون جي درج حوالا تان هجڻ گهرجي. حوالا ڪيئن داخل ڪرڻ لاءِ ڏسو
- مضمون مڪمل طور تي مشيني ترجمو ٿيل نه هجن، مشيني ترجمو ٿيل مضمون قابل قبول نه هوندا. جيڪي مضمون مشيني ترجمو وسلي ٺاهيو ته انهن کي مناسبت ڪاپي ايڊٽ ڪريو.
- مضمون ۾ ڪي به وڏا مسئلا (جهڙوڪ ڪاپي رائٽ جي ڀڃڪڙي ، يا اهليت جا سوال وغيره) نہ ٿيل هجي.
- ايڊيٽرز جيڪي ڪاپي رائٽ جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزين) جا انيڪ واقعا پيش ڪندا، انهن کي سفير جو خطاب کَٽَڻ کان نااهل قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
- مضمون فهرست جي شڪل ۾ نه هجن.
- نيارپ:اهڙيون فهرستون قابل قبول آهن جيڪي سهولت جي نيت سان بڻايون ويون هجن (هي اختيار رُڳو انهن وڪيپيڊيا تي لاڳو ٿئي ٿو جيڪي چونڊ فهرستن لاءِ هونديون آهن).
- آرگنائيزر (ناظم) پاران لکيل مضمونن کي ٻين آرگنائيزرز (مقامي توڙي عالمي) پاران چڪاسيا ويندا.
- هر ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا وٽان جج (جيوري ميمبر) اهو اندازو لڳائيندا ته ڇا سندن ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا واري رٿا (مقابلي) لاءِ ڪهڙو مضمون قبول آهي يا ناهي.
- مضمون معلوماتي هُجن.
- مضمون رُڳو ايشيائي مُلڪن ۽ علائقن جي لاڳاپيل موضوعن بابت لکيل هُجن (مضمون لکندڙ واپرائيندڙ ڀاڱيدار پنهنجي مُلڪ سان لاڳاپيل موضوعن تي مضمون نه ٿا لکي سگهن، مثال پاڪستاني واپرائيندڙ پاڪستان بابت مضمون نٿا لکي سگهن ان جي اجازت ناهي، پر پاڪستان کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ايشيائي ملڪ يا علائقي بابت مضمون لکي سگهجن ٿا)
- جڏهن توهان 4 مضمون (آرٽيڪل) ٺاهيندا جيڪي مٿين قاعدن تي پورا لهندا، ته پوءِ توهان کي ايشيائي برادرين مان ڪنهن هڪ برادري پاران وام پوسٽ ڪارڊ ملندو، جيڪو توهان کي ٽپال يا اي ميل وسيلي ڊجيٽل سرٽيفڪيٽ موڪليو ويندو.
- وڪيپيڊيا ايشيائي سفيرن کي لاڳاپيل ايشيائي برادرين پاران هڪ دستخط ٿيل سند (سرٽيفڪيٽ) ۽ هڪ اضافي پوسٽ ڪارڊ ملندو. وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اڪثر پڇيا ويندڙ سوال ۽ جواب ڏسو.
انتظاميا
- وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو بابت آرگنائزرز ڏانهن انگريزي ۾ وڌيڪ تفصيلن لاءِ آرگنائزرز لاءِ هدايتون ڏسو.
درجيڪاري
ڀاڱيدار
جيڪي وڪيپيڊيا واپرائيندڙ ھن مضمون نويسي ترميمي ڊوڙ ۾ ڀاڱيدار ٿيڻ چاھين سي نئين سي سِٽَ تي پنھنجو واپرائيندڙ نالو ھن ريت درج ڪن # کانپوءِ چار ڀيرا ~ (مثال:#~~~~) نشاني لکي
- نالا ڪُل ڀاڱيدار/حصو وٺندڙ
- جوڳي اسد راڄپر ڳالھ 14:15, 7 آڪٽوبر 2020 (UTC)
- مومن خان ڏاهري (ڳالھ) 09:35, 23 آڪٽوبر 2020 (UTC)>
- سونھن راڻي (ڳالھ) 14:42, 7 آڪٽوبر 2020 (UTC)>
- Hafeez_Abbasi (ڳالھ) 09:35, 23 آڪٽوبر 2020 (UTC)>
پنهنجي مضمونن جي داخلا ڪيئن ڪريو
جيڪڏهن توهان پهرين نومبر 2020 کان 30 نومبر 2020 جي وچ ۾ ڪوبه مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي لکي ڇاپيو آهي، جيڪو ايشيا کنڊ سان لاڳاپيل ڪنهن به موضوع تي لکيل آهي، ان جو مقدار (وزن) 3000 بائيٽ آهي ۽ 300 لفظ آهي ۽ ان ۾ حوالا ۽ ڄاڻخانو (انفوباڪس) کانسواءِ 300 لفظ (گهٽ ۾ گهٽ حد) ته توهان ڪريو ۽ سبمٽ (جمع) submit تي ٺِڙڪ يا ڪلڪ ڪري پنهنجو مضمون (جنهن واپرائيندڙ مضمون شروع ڪيو، صرف اهو ئي داخلا ڪري سگهي ٿو ٻئي ڪنهن جو مضمون توهان جي نالي سان، يا توهان جو مضمون ڪنهن ٻئي واپرائيندڙ جي نالي سان هتي درج نه ٿي سگهندو) جو نالو لکو ۽ اڳيون يا نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪريو، جيڪڏهن توهان جو مضمون ڄاڻايل شرطن ۽ اصولن تي پورو لهندو، تڏهن ئي نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪري سگهندا. اهڙي ريت توهان جي مضمون جي داخلا ٿي ويندي.
مضمونن جي داخلا ڪريو
ڇا توهان ايشيائي مهيني لاءِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀاڱيدار طور شامل ٿيا آهيو؟ مضمونن جي بحث صفحن ۾ {{WAM talk 2020}} شامل ڪريو، ۽ پنھنجون ڀاڱيداريون يا مضمون فائونٽين ٽول ذريعي جمع ڪرايو.
جيڪڏهن توهان کي فائونٽين ڏانهن مضمون جمع ڪرائڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو آهي، ته مهرباني ڪري پنهنجي مسئلي جي تقريب جي ڳالهين واري صفحي تي رپورٽ ڪريو ۽ پوءِ ٻيهر ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن توهان کي اڃا تائين مسئلا ٿي رهيا هجن، ته توهان پنهنجي ڀاڱيدارين جي رپورٽ يا مضمونن کي جمع ڪرائڻ لاءِ هتي ڪري سگهو ٿا.
لکيل مضمون
وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو 2020 جي موقعي تي لکيل مضمونن جو تعداد 17 آهن.
گذريل ڇاپا(ايڊيشنز)
لاڀائتا ڳنڍڻا