وڪيپيڊيا:نياتي باب/Copypaste issue

سڀني سنڌي وڪيپيڊيا جي رضاڪار ساٿين کي ڀليڪار.
@مھتاب احمد سنڌي، Arif80s، Aziz Kingrani، Shahrozunar95، ۽ Kaleem Bhatti: سنڌي وڪيپيڊيا تي موجود مضمونن مان تقريبن اڌ مضمون نقل ڪيل مواد جا آھن انهي ڪري نقل يا ڪاپي پيسٽ ڪري لکيل مضمون نه رُڳو وڪيپيڊيا جي پاليسيز يا اصولن جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) آهي پر اهو ڪاپي رائٽس قانون تحت پڻ قانوني ڏوهه آهي،اسان جو مقصد سنڌي وڪيپيڊيا تي اهڙي مسئلي کي گڏجي حل ڪرڻ هئڻ گهرجي. باقي رهي حوالا يا ريفرنسز جي ڳالهه ته هڪ ته اها نياتي باب ۾ ايڪي اتفاق سان ڪجهه اصول ترتيب ڏنا ويا آهن وڌيڪ ان حوالي سان ڪٿي ميٽ اپ يا گڏجاڻي ڪنداسين جتي گڏجي مڙني مسئلن جي حل سميت ڪم ورهائي کڻنداسين ۽ سنڌي وڪيپيڊيا کي اڳتي ڪيئن ترقي جي اڳئين منزلن ڏانهن کڻي هلجي اهي سڀ حڪمت عمليون جوڙينداسين. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 11:20, 2 جنوري 2020 (UTC)

@JogiAsad: بھتر صلاح آھي.--مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 17:26, 3 جنوري 2020 (UTC)

ڪاپي پيسٽ ڪيل مضمونن ۾ سُڌارو لاءِ لاڳاپيل سانچو يا ٽيگ ڪيئن لڳائجي سنواريو

جنهن مضمون ۾ ڇپائي حَق جي ڀڃڪڙي ٿيل ۽ مواد نقل ڪيل هجي ان مضمون ۾ {{ڪاپي پيسٽ}} سانچو لڳايو، جتان جنهن ويب سائيٽ يا ڪتاب تان ڪاپي پيسٽ ڪيل هجي ان جو ڳنڍڻو پڻ ان مضمون جي بحث صفحو تي ونڊيو وڃي ۽ ڪاپي پيسٽ ٿيل مواد کي هٽائي يا ٻيهر لکي سگهجي ٿو ۽ اهو ڪم سڀني رضاڪارن کي گڏجي ڪم ورهائي ڪرڻو پوندو ته جيئن سنڌي وڪيپيڊيا تي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. سنڌي وڪيپيڊيا جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن ۾ اوهان جي ساٿ لاءِ مهربانيون جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 11:23, 2 جنوري 2020 (UTC)

جِن مضمونن ۾ مواد ڪاپي پيسٽ ڪيل آهي تِن ۾ مواد ٻيهر ترتيب سان ڪيئن لکجي سنواريو

  • مثال
  • اڳوڻو نقل ڪيل مواد: آفتاب ابڙو جو اصل نالو عبدالله پُٽ حافظ سعدالله آھي، ابڙا قبيلي جي ’ڪماريو‘ پاڙي سان سندس لاڳاپو آھي. ادبي ميدان ۾ آفتاب ابڙي جي نالي سان شهرت رکندڙ. پهرين مارچ 1956ع تي ڳوٺ ’گابر مسڻ‘، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو
  • هاڻوڪو ٻيهر ڪاپي ايڊٽ ڪري لکيل مواد: آفتاب ابڙو سنڌي اديب آهي. سندس لاڳاپو ابڙو قبيلي جي ڪُماريو پاڙو سان آهي. هيءُ مارچ1، 1956 تي تعلقي ڏوڪريءَ جي هڪ ڳوٺ گابر مسڻ ۾ ڄائو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 11:20, 2 جنوري 2020 (UTC)