آفتاب ابڙو
هي مضمون يا ڀاڱو متان ڪنهن ٻِئي هنڌان کان نقل ۽ ليپو(ڪاپي پيسٽ) ڪيو ويو آهي، ٿي سگهي ٿو تہ هي وڪيپيڊيا جي حق ليک ۽ ڇاپڻ ( حق تصنيف) جي خِلافُ ورزي هجي. |
آفتاب ابڙو سنڌي اديب آهي. سندس لاڳاپو ابڙو قبيلي جي ڪُماريو پاڙو سان آهي. هيءُ مارچ1، 1956 تي تعلقي ڏوڪريءَ جي هڪ ڳوٺ گابر مسڻ ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي. ثانوي تعليم، باڊھ هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. 1978ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪيائين، حافظ سعدالله (والد)، غلام نبي سومرو، مُحسن ڪڪڙائي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، سراج ۽ شهناز نور سندس ادبي استاد رهيا آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. آفتاب ابڙو سنڌي، اردو، انگريزي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو.[1]
خدمتون
سنواريواسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبليڪيشن جي حيثيت ۾ ثقافت کاتي جا ڪجهه ڪتاب مرتب/ايڊٽ ڪيائين. ماهوار ’پيغام‘ ۽ ’سنڌ ماحول‘ جو ايڊيٽر، ماهوار ’ڪريسينٽ‘ ۽ ’بابو سپيئر‘ جو صلاحڪار ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو باني ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي. سندس هيٺيون تصنيفون آهن:[1]
- ’شاھ جي ٻولي‘ (1990ع)،
- ’شاھ عبداللطيف بحيثيت مُفڪر‘ (ترتيب) (1990ع)،
- ’جونيئر اسڪول ڊڪشنري‘ (1992ع)،
- ’نم جو وڻ‘ (1997ع)،
- ’ماحول بابت استادن جي سکيا‘ (1997ع)،
- ’ماحول بابت سماجي ڪارڪنن جي سکيا‘ (1997ع)
ماحول جي بنيادي موضوعن بابت سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ 12 ڪتابڙا لکي چڪو آهي.[1]
حال
سنواريوهن وقت اطلاعات کاتي، حڪومت سنڌ ۾ آفيسر آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدآباد، سنڌ. سال:2012ع