وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو فيبروري


"وڻندڙ جبل (پليزنٽ ھل) تان ٿرسو جو ڏيک"
ٿرسو جي قلعي جو مُک دروازو



ٿرسو (انگريزي: Thurso) اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر آهي جيڪو ايڊنبرا کان 295 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 818 ڪلوميٽر پري آباد آهي. هيءُ برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان اتريون شهر آهي[1]. مقامي ٻوليءَ ۾ هن شهر کي ”ٿرسا“ ڪوٺيو وڃي ٿو[2]. هيءُ اسڪاٽلينڊ جي هائيلينڊ ڪائونسل واري علائقي ۾ اترئين سامونڊي ڪناري تي آباد آهي. هتي اسڪاٽلينڊ جا ٻه روڊ A9 ۽ A836 پاڻ ۾ اچي ملن ٿا جيڪي هن شهر کي اوله ۾ فورس (Forss) ۽ اوڀر ۾ ڪيسل ٽائون (Castletown) سان ملائين ٿا. 55 ڪلوميٽر ڊگهي ٿرسو ندي (Thurso River) هن شهر جي وچان گذري ٿي. 2018ع جي انگن اکرن موجب، هتان جي آدمشماري 7490 آهي[3]. اوڻويهين صديءَ تائين هن هنڌ کي هڪ اهم بندرگاه جي حيثيت حاصل هئي ۽ هتان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار هلندو هو. ٿرسو ماهيگيري، سوٽي ڪپڙو ٺاهڻ ۽ چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ ڪافي مشهور هو. هن شهر ۾ سينٽ پيٽر (St Peter's Church) جي گرجا گهر جا کنڊر موجود آهن. اهو گرجا گهر اسڪاٽلينڊ جي سڀ جان پراڻن گرجا گهرن مان هڪ آهي جيڪو 1125ع ڌاري تعمير ٿيو. موجوده سينٽ اينڊريو ۽ سينٽ پيٽر گرجا گهر 1832ع ۾ جڙي راس ٿيو. هتي اتر هاءِ لينڊ ڪاليج جو مرڪزي ڪئپس قائم آهي. ٿرسو هاءِ اسڪول برطانوي سرزمين جو سڀ کان اتريون هاءِ اسڪول آهي جيڪو 1958ع ۾ قائم ٿيو. هتي ٿرسو قلعي جا آثار به موجود آهن. اهو قلعو 1872ع ۾ تعمير ٿيو هو. هتي هڪ فوٽ بال ٽيم ۽ ٻه رگبي ٽيمون آهن. ٿرسو ريلوي اسٽيشن 1874ع ۾ تعمير ٿي. ٿرسو کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اسڪرابسٽر (Scrabster) بندر آباد آهي جتان اورڪني ۽ ڪجهه ٻين ٻيٽن لاءِ فيري سروس مهيا آهي.