وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو جولاءِ

چرنا ٻيٽ، ڪراچي
ناگن چورنگي، ڪراچي

ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي, ھن جو شمار بيٽا ورلڊ سٽي ۾ ٿئي ٿو. شھر پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي ۽ مالياتي مرڪز آھي ء پاڪستان جو ڪاسموپوليٽن شھر آھي. ڪراچي دنيا جو ٻيون وڏو شھر آھي۔ ڪراچي پاڪستان جي صوبي سنڌ جو گادي جو ھنڌ آھي۔ ڪراچي شهر سنڌي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھ ۽ ھوائي اڏو بہ ڪراچي ۾ قائم آھي۔ ڪراچي 1947ع کان 1960ع تائين پاڪستان جي گاديء جو ھنڌ بہ رھيو. ڪراچي شهر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر هن خطي جو هڪ اهم بندر پڻ آهي.

مائي ڪولاچي جي وسندي جو بنياد 1729 ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو. جتي هينئر ڪراچي آهي. اتي اڳي ڪو به شھر ڪو نه هو. سمنڊ جي هڪڙي ڇاڙ ٿي آئي ۽ ڪي مهاڻن جا گهر هئا ۽ ڪي هندو واپاري هئا ۽ انهيءَ هنڌ کي ڪلاچيءَ جو ڪُنُ چوندا هئا. جو نالو شاھ جي رسالي ۾ به آيل آهي. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا، اهي جوکين جي ڄام جي نظر هيٺ هوندا هئا. پوءِ اتي هڪڙو جهنگلي ڪوٽ ٺاهيائون، جنهن کي ڪلاچي ڪوٽ چوندا هئا ۽ قلات جي خان جي هٿ ۾ هو، جنهن کي ڪلهوڙن ڏيئي ڇڏيو هو، پر سنه 1795ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر اهو هٿ ڪيو ۽ اتي هڪڙو حاڪم مقرر ڪيائون ۽ اتي جي هندو واپارين مان لک ڏيڍ پيدا ٿيندو هون. ورهيه ٻن کان پوءِ انهيءَ جي بچاءَ لاءِ ميرن منوڙي تي هڪڙو ڪوٽ ٺهرايو. جو پوءِ سنه 1839ع ۾ انگريزن ورتو. پوءِ ٿورو ٿورو ٿي وڌندو ويو ۽ هاڻي ته سنڌ جو وڏو شهر ۽ وڏو بندر شمار ڪيل آهي