وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو فيبروري

والٽئر فرانسيسي لکيڪ ۽ فلسفي هو، سندس جنم 21 نومبر 1694 تي پيرس ۾ ٿيو. هي مذهب ۽ سياست کي الڳ الڳ ڪري هلائڻ جو حامي هو، جنهن سبب هن چرچ مٿان ڇتي تنقيد ڪئي، هي اظهار جي آزادي جو پڻ وڏو وڪيل هو. هن جي والد جي خواهش هئي تھ هي قانوندان بڻجي پر هن جي دلچسپي هميشه لکڻ طرف هئي. 1778ع ۾ والٽئر لاڏاڻو ڪيو. پادرين هن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ سندس دوستن کيس دفنايو. جڏهن 1791ع ۾ فرانس ۾ انقلاب رونما ٿيو ته والٽئر جو لاش کوٽي ڪڍي ان کي عزت ۽ احترام سان پئرس آندو ويو ۽ اڍائي لکن جي عوامي جلوس، گهوڙن تي سوار ۽ پيدل فوجي دستن سان گڏ فرانس جي هن عظيم انقلابي جي لاش کي پوري رات سلامي پيش ڪئي وئي.