وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2018/مهينو ڊسمبر

ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي 12 جنوري 1943ع تي پيدا ٿيو. پاڪستان فوج جو ڪمانڊر ۽ آفيسر هو. 1963ع تي عباسي پاڪستان فوج جي بلوچ ريجمنٽ ۾ ڪميشن ذريعي شامل ٿيو. 1987ع کان 1988ع تائين، هن پاڪستان جي نيو دهلي ۾ سفارتخاني ۾ فوجي صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڪستان جي چونڊيل حڪومت، کي ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ هن کي عهدي تان لاٿو ويو. هن تي الزام هو ته هي پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ پاڪستاني فوج جي سربراهه عبدالوحيد ڪاڪڙ کي پڻ عهدي تان هٽائڻ جي سازش رٿي رهيو هو، ان لاءِ فوجي عدالت کيس ست سالن جي سزا ڏني.