وڄون وسڻ آئيون
وڄون وسڻ آئيون (انگريزي:Vijoon Vasan Aaiyoon): شيخ اياز جي شاعريءَ جو ھڪ مشھور ڪتاب جنھن ۾ سندس 1964ع کان نومبر 1968ع واري عرصي ۾ لکيل شاعري جو مجموعو ڇپيل آهي جنھن ۾ وايون، نظم، گيت، غزل، لوڪ گيت، آزاد نظم، لوليون، پروليون ۽ ڇيڄ شامل آهن. اھو شيخ اياز جو شاعريءَ جو ڀؤنر ڀري آڪاس، ڪلھي پاتم ڪينرو ۽ جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي کان پوءِ چوٿون ڇپيل ڪتاب آھي[1].
وڄون وسڻ آئيون جو ٻيو ڇاپو 1989ع | |
مصنف | شيخ اياز |
---|---|
ملڪ | سنڌ, پاڪستان |
ٻولي | سنڌي |
موضوع | سنڌي شاعري |
صنف | شاعري |
شايع ڪندڙ | زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد |
ڇاپي جي تاريخ |
پھريون: 1973ع (ٻيون:1989ع) |
صفحا | (ٻئين ڇاپي ۾) 238 |
شاعري بابت
سنواريوھن ڪتاب ۾ سندس مشھور وايون :"سھندو ڪير ميار، او يار! سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!....", "ڪير وٺي ٿو تنھنجو نانءُ؟ چنڊ وٺي ٿو شايد شايد!..."، مشھور گيت:"چڱو ڀٽائي آءُ ھلان ٿو....","مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي، تون مون کي زنجير وجھين!....","اي ڪينجھر تنھنجي ڪنڌيءَ تي....","ھي واريءَ پنڌ نہ کٽڻو آ....",مزدور جي ٻار جو گيت"طرو وڏو ابا جو...."، " جنھن آزاد گذاريو آهي، تنھن لاءِ موت ته ڪا شئي ناهي....","ملان پنھنجي عمامي ۾ ، سوچي ڏاڙھي نوچي...."," روئڻ سان رھن ھا جي سپرين...."," تون جو مون کان پوءِ اچين....", مشھور نظم: " آء اڪيلو سامھون سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ....","رم جھم! ڪيئن جوالا سان تو پريت لڳائي آھ؟....","موت سوا ٻيو ڪجهه به ناھي....","تون بہ پاڻي مان بہ پاڻي....","وڃو ڪويليو وڃو!....", مشھور غزل "ميلي ۾ تون تنھا تنھا ڪنھن کي ڳولين ٿو....","باغي آھيان باغي آھيان، تنھنجو آءُ سماج....","اکيون آرزوئون اکيون التجائون....","وري عشق بازي اڙي دل اڙي دل....","آيو آھين دنيا لاء....","رات آئي وئي، تون نہ آئين ڪھي....","اي قوم! ٻڌايا ٿي قصا ڪلھ توکي مون تقديرن جا....", مشھور ٿري لوڪ گيت "ھڙڪ ھلو ھو، ڌيمان ھلو ھو...." شامل آهن. ان کان علاوه "جل جل مشعل جل","ھي گيت اڃايل مورن جا"," رت آئي ڳاڙھن ٻيرن جي" وارا ڪلام پڻ شامل آهن جيڪي اڳ ۾ ماھوار ادبي رسالي روح رھاڻ ۾ ڇپجي چڪا ھئا[2].
ارپنا
سنواريوپيش لفظ
سنواريوھن ڪتاب جا پيش لفظ محمد ابراهيم جويو جا 15 آگسٽ 1973 ۾ لکيل آهن[4].
ايڊيشن
سنواريوڪتاب جو پھريون ڇاپو 1973ع ۾ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. ٻيون ڇاپو 1989ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو[5].
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: وڄون وسڻ آئيون ؛ از: شيخ اياز ؛ ٻيون ايڊيشن 1989، پبلشر: نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد
- ↑ ڪتاب: وڄون وسڻ آئيون ؛ از: شيخ اياز ؛ ٻيون ايڊيشن 1989، پبلشر: نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد
- ↑ ڪتاب: وڄون وسڻ آئيون ؛ از: شيخ اياز ؛ ٻيون ايڊيشن 1989، پبلشر: نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد
- ↑ ڪتاب: وڄون وسڻ آئيون ؛ از: شيخ اياز ؛ ٻيون ايڊيشن 1989، پبلشر: نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد
- ↑ ڪتاب: وڄون وسڻ آئيون ؛ از: شيخ اياز ؛ ٻيون ايڊيشن 1989، پبلشر: نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد