ونگاري مئٿائي

ڪينيائي ماحولياتي ۽ سياسي ڪارڪن

ونگاري مئٿائي:Wangari Muta Maathai (pronunciation: /wænˈɡɑːr/ /mɑːtˈ/; 1 April 1940 – 25 September 2011) ڪينيا جي اينوائرمينٽلسٽ ۽ سياسي ڪارڪن ھئي. ھن آمريڪا جي بينيڊڪٽن ڪاليج ۽ يونيورسٽي آف پٽسبرگ ۽ ڪينيا جي يونيورسٽي آف نيروبي ۾ تعليم حاصل ڪئي.

ونگاري موٽا مئٿائي
(انگريزي ۾: Wangari Maathai خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
مئاٿائي 2006 ۾
مئاٿائي 2006 ۾
مئاٿائي 2006 ۾

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (ڪيڪيو ۾: Wangarĩ Muta خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 1 اپريل 1940(1940-04-01)
ڳوٺ ٽيٽو Tetu،ضلعو نيئري ڪينيا
موت 25 سيپٽمبر 2011 (عمر 71 سال)
نيروبي، ڪينيا
شھريت ڪينين يا ڪينيائي
عملي زندگي
تعليم
  • BSc: biology
  • M.Sc: biological sciences
  • Ph.D: veterinary anatomy
مادر علمي
تعليمي سندون پي.ايڇ.ڊي. [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو academic degree (P512) وڪي ڊيٽا تي
پيشو ماحوليات جي حامي، سياسي ڪارڪن ۽ ليکڪ
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي [2]،سواحلي ٻولي [3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
  • امن جو نوبل پرائز 2004 ، اندرا گانڌي امن پرائز2006
ويب سائٽ
IMDB تي صفحات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

تفصيلي تعارف سنواريو

آفريڪا ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ پوئتي پيل کنڊ آهي. بک، بيماريءَ ۽ گهرو ويڙهه جو شڪار آهي. وسيلن سان ته مالا مال آهي، پر پوءِ به غريب مسڪين آهي. واتاورڻ / ماحول کي صاف سٿري رکڻ، ان کي گدلاڻ کان بچائڻ جي ڏس ۾ هن خاتون جيڪي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن کي آڏو رکندي گذريل سال (2004ع) امن جو نوبل انعام کيس ڏنو ويو آهي، ان مائيءَ جو نالو آهي ونگاري ماٿئي! مائي ونگاري ماٿئي جو جنم 1940 ۾ ٿيو. هن نيروبي يونيورسٽيءَ مان اناٽاميءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي ۽ آمريڪا جي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ واري پهرين عورت بڻجي وئي. ريڊ ڪراس ڪينيا جي ڪيترا سال ڊائريڪٽر رهي. 1977ع ۾ هن ڪينيا ۾ غير ضروري وڻن جي واڍيءَ جي ڪري جهنگ ختم ٿيڻ ڪري انهن جي بچاءَ جي لاءِ هڪ ”وڻڪار تحريڪ“(Green Belt Movement) جي شروعات ڪئي. هن تحريڪ جو اهم ۽ بنيادي مقصد اهو هو ته ماڻهن کي اُهو شعور ۽ سمجهه ڏني وڃي ته وڻڪاري ڇا آهي؟ ٽيهن سالن جي عرصي دوران هن تحريڪ ذريعي ٽي ڪروڙ وڻ پوکيا، جنهن ڪري اتي جي جهنگلن جي غير ضروري واڍ روڪڻ ڪري اتي جي زمين جي زرخيزيءَ ۾ واڌارو ٿيو ۽ اتي جي عام ماڻهن جي ٻارڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪاٺيون پڻ ملڻ لڳيون. هن تحريڪ ۾ ڪينيا جي ٻهراڙين جي عورتن حصو ورتو. عورتن جي وڌيڪ دلچسپيءَ جي ڪري ئي هن تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو ونگاري ماٿئي جي سحر انگيز شخصيت جو ئي اثر هو. وڻڪاريءَ دوران هوءَ عورتن جي نئشنل ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان خدمت سر انجام ڏيندي رهي. ونگاري ماٿئي جي زندگي اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه وقف رهي. انهيءَ جذبي هيٺ هن ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن شعبن ۾ تمام گهڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون. 1998ع ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي سامهون ڪينيا ۾ هڪ پُر آسائش هائوسنگ پراجيڪٽ جي تعمير جي خلاف آواز اٿاريو، پراجيڪٽ جي تعمير جي لاءِ ڪينيا جا سوين ايڪڙ جهنگ کي ڪٽڻو هو. هن بچاءَ واري تحريڪ جي دوران هن تي قاتلاڻو حملو پڻ ٿيو جنهن ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي. هن احتجاج جي ڪري 1991ع ۾ ان وقت جي حڪومت هن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو. جتان هن جي آزادي ايمنسٽي انٽرنئشنل جي ”خط لکو مهم“ جي پاران ممڪن ٿي. حالات جون سختيون هن جي ارادن کي ذرو به لوڏي نه سگهيون، ماحول جي بچاءُ جي لاءِ ماٿئي پنهنجي دل و جان سان پنهنجي مشن ۾ مصروف رهي. 2002ع ۾ هن ڪينيا جي پارلياماني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ 98 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.

فائل:Wangari Maathai social forum.jpg
Wangari Maathai speaks about deforestation

2003ع ۾ ماٿئي کي ماحوليات، قدرتي وسيلن ۽ جهنگلي جيوت جونائب وزير مقرر ڪيو ويو، 2004ع ۾ هن جي بي لوث خدمت جي مڃتا لاءِ کيس امن جو نوبل انعام ڏنو ويو. انعام جي لاءِ چونڊجڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ هڪ صحافيءَ کي ڏنل انٽرويو ۾ ماٿئي چيو! ”نوبل انعام کڻڻ کان پوءِ منهنجون ذميواريون وڌي ويون آهن، مان صرف پنهنجي ملڪ ڪينيا جي لاءِ نه پر سموري آفريڪا کنڊ جي بهتريءَ جي لاءِ ڪم ڪنديس ۽ منهنجو مشن جاري رهندو.“[4]ھيء ورلڊ فيوچر ڪائونسل جي اعزازي ڪائونسلر پڻ رھي. 2011 ۾ اووري جي ڪينسر ovarian cancer جي ڪري وفات ڪري وئي.

حوالا سنواريو

  1. https://web.archive.org/web/20110927152236/http://www.unccd.int/IYDD/documents/iydd_docs/WANGARIMAATHAICV.pdf — اخذ شدہ بتاریخ: 10 اپريل 2009
  2. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/116531299
  3. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14645592n — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  4. {رسالو: سرتيون؛مضمون:نوبل انعام کٽيندڙ ونگاري مئٿائي؛ از: نجمه پنهور ۽ جعفر رضا؛ آگسٽ 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}