وزير منگي (انگريزي:Wazir Mangi) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر، ليکڪ ۽ صحافي هو.

زندگي جو احوال سنواريو

وزير منگي جو پورو نالو وزير احمد هو. هيءُ 10 مارچ 1965ع تي محمد فاضل منگي جي گهر ۾ ڳوٺ واسُو ڪلهوڙو ۾ پيدا ٿيو. بعد ۾ ڳوٺ ڇڏي دادو ضلعو جي شهر دادو ۾ رهائش پذير ٿيو.[1][2]

ادبي خدمتون سنواريو

وزير منگي لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن اٽڪل 1980ع کان باقاعدي شعر لکڻ شروع ڪيو. شاعر کان علاوه ڪالم نگار پڻ هو ۽ ڪيترين ئي اخبارن لاءِ صحافي طور خدمتون سرانجام ڏنائين. هن شاعري ۾ غزل، گيت، وائي ۽ نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري ۽ ڪالم سنڌ جي اهم اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.[1] وزير منگي سگا شاخ دادو جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري پڻ رهيو.[3][4]

وفات سنواريو

وزير منگي 30 مئي 2010ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-07-22. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-07-22. 
  3. Pathan, Dr. "سنڌي ادبي سنگت". www.drpathan.com. حاصل ڪيل 2020-07-22. 
  4. "وزير منگي: گهڻ پاسائين شخصيت". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-07-22.