سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي سنواريو

سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي

وجود - سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي جو وجود 06 فيبروري 2016 تي حيدر منزل ڪراچي ۾ وڌو ويو. ان اجلاس جي ميزباني سنڌ يونايئٽيڊ پارٽي ڪري رهي هئي.

بنيادي معلومات - حيدر منزل تي ٿيندڙ هن اجلاس ۾ بنيادي طور هييٺ ڏنل مؤقف رکيو ويو؛ حيدر منزل ڪراچي تي سنڌ جي سڀني سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن ۽ شخصيتن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مارچ 2016ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي تفصيلي غور ويچار ڪري گڏيل طور هيٺيون موقف اختيار ڪيو ويو آهي.

1. آئيني طور ملڪ اندر ڇهين آدمشماري 2008ع ٿيڻي هئي، جيڪا حڪمرانن جي نااهلي ۽ خاص سوچ طرفان رڪاوٽون وجهڻ سبب نه ٿي. اڄ 2016ع آهي، وفاقي حڪومت طرفان مارچ ۾ گهرشماري ۽ آدمشماري جو فيصلو ڪيو ويو آهي. معلومات مطابق آدمشماري ڪرائڻ جون گهرجون مڪمل نظر نه اچي رهيون آهن، جنهن جي ڪري آدمشماري ملتوي ڪرڻ جا خدشا موجود آهن.اڄوڪي هي اجلاس گهر ٿو ڪري ته مقرر وقت تي شفاف بنيادن تي آدمشماري ڪرائي وڃي.

2. اڄوڪو اجلاس هن ڳالهه تي متفق آهي ته ڪنهن به صورت ۾ گروٿ ريٽ ڪلڪيوليشن وارو فارمولو قبول نه هوندو. ڇو ته پنجاب، سنڌ، خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ پاپوليشن گروٿ ۾ واضح ۽ وڏو فرق آهي. ان ڪري ملڪ اندر فزيڪل آدمشماري ڪرائڻ ضروري آهي.

3. سنڌ ۾ لکين غير ملڪي (Aliens) رهائش پذير آهن. سنڌ واسين جي مطالبن باوجود انهن کي مهاجر ڪيمپن تائين نه رکيو ويو آهي، جنهن تي اسان کي افسوس آهي ۽ خدشو آهي ته انهن کي هن آدمشماري ۾ ڳڻيو ويندو. هي اجلاس پرزور گهر ٿو ڪري ته سنڌ ۾ موجود غير ملڪين کي (Aliens) جي ڌار لسٽ ۾ ڳڻيو وڃي.

4. اڄوڪي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 15 فيبروري تاريخ کان آدمشماري بابت سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ۽ سنڌ جي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ (ته جيئن هو ٿيندڙ آدمشماري ۾ پنهنجي خاندان جي داخلا ڪرائي). رابطا مهم هلائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

5. اجلاس ۾ هي به فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي سان ڀرپور تعاون ڪيو ويندو. آدمشماري ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪيو ويندو.

6. گهرشماري لاءِ 15 ڏينهن ۽ آدمشماري لاءِ 30 ڏينهن جو مدو رکيو وڃي. ڇو ته سنڌ جو عوام وسيع ۽ الڳ الڳ علائقن ۾ رهائش پذير آهي. ٽن ڏينهن ۾ گهرشماري ڪرڻ ۽ 15 ڏينهن ۾ آدمشماري ڪرائڻ ممڪن نه آهي.

7. اڄوڪي اجلاس ۾ سمورين پارٽين، تنظيمن ۽ شخصيتن تي مشتمل سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري جي نگراني لاءِ سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

8. اڄوڪو اجلاس وفاق طرفان آصف باجوه جي اڳواڻي ۾جوڙيل بيورو آف اسٽيٽڪس تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ٿو، ڇو ته هن ۾ پنج ئي ميمبر هڪ صوبي پنجاب سان تعلق رکن ٿا ۽ ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه جي نمائندگي موجود نه آهي.

9. اجلاس اعتماد ڪندي، ايم پي ايز مهتاب اڪبر راشدي ۽ حاجي شفيع ڄاموٽ تي مشتمل ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا آدمشماري جي حساس مسئلي تي وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين اسيمبلي جي ميمبر جماعتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ۽ ان تي زور ڏيندي ته سنڌ حڪومت پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري. ۽ قومي اڳواڻن سميت سنڌ ۾ مستقل رهندڙ آباد رهندڙ ماڻهن کي اپيل ٿي ڪجي ته هـُو ٿيندڙ آدمشماري ۾ ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائين ته جيئن يڪجهتي جو عملي اظهار ٿي سگهي.

سربراهي - هن ڪاميٽي جو سربراھ سيد جلال محمود شاھ کي ڪيو ويو.

شامل تنظيمون - سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي ۾ هيٺ ڏنل تنظيمون شامل ٿيون

1. سنڌ يونايئٽيڊ پارٽي

2. مسلم ليگ فنڪشنل

3. جيئي سنڌ قومي محاذ

4. جيئي سنڌ محاذ

5. جيئي سنڌ تحريڪٿ

6. جمعيت العلماءِ اسلام سنڌ

ڀليڪار! سنواريو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
  ،   ،   ،   ۽   ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
 
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا MansoorJarwar

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,849 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن ( ) بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم--مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 09:58, 24 ڊسمبر 2019 (UTC)

پاڻ تي صفحو سنواريو

اسلام عليڪم! جروار صاحب خوشي ٿي تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا ۾ دلچسپي ورتي. توھان جي رھنمائيءَ لاءِ عرض آھي تہ سنڌي وڪيپيڊيا ھڪ معلوماتي ويبسائيٽ آھي. ھي فيسبڪ جھڙو پليٽفارم ناھي، ھتي صرف انھن شين ۽ ماڻھن جا مضمون ٺھي سگھن ٿا جيڪي مشھور ھجن. جيڪڏھن توھان بہ چڱي مڃتا ماڻي تہ توھان تي بہ مضمون ٺاھيو ويندو. ان کان سواءِ پنھنجي شخصيت تي پاڻ مضمون ٺاھڻ وڪيپيڊيا جي اصولن جي خلاف ورزي آھي. ان ڳالھين جي ڪري توھان جو مضمون ڊاھيو ويندو. ھا البتہ پنھنجي واپرائيندڙ صفحي تي توھان پنھنجو تفصيلي يا مختصر تعارف رکي سگھو ٿا. گڏوگڏ توھان کي گذارش ڪجي ٿي تہ سنڌي وڪيپيڊيا تي موجود مضمونن کي بھتر بڻايو يا وري مشھور شين يا جڳھن تي مضمون ٺاھيو. اميد آھي تہ ٻوليءَ جي خدمت ۾ پنھنجو حصو ڏيندا. مھرباني.--مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 10:08, 24 ڊسمبر 2019 (UTC)

 

هڪ ٽيگ منصور جروار تي مضمون کي ڊليٽ ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو آهي. سبب هيٺ ڄاڻيل آهي:

وڪيپيڊيا:مفاد جو تڪرار

هي مضمون ڪنهن وقت ڊليٽ ڪري سگھجي ٿو.

جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا هن صفحي کي ڊاٺو نه وڃي انهي سبب جي ڪري، اوهان هن فيصلي خلاف هن صفحي تي وڃو ۽ هن فيصلي خلاف لکو تي ڪلڪ ڪري ٻڌائي سگھو ٿا. اتي اوهان کي موقعو ڏنو ويندو ته هي صفحو ڇو نه ڊليٽ ڪيو وڃي. تنهن باوجود هڪ ڳالهه ياد رکو، جيڪڏهن ڪو صفحو فورن حذف لاءِ نامزد ڪيو وڃي، ته اهو صفحو ڪنهن به وقت بغير دير جي مٽايو ويندو. مهرباني ڪري اوهان پاڻمرادو هن پيغام کي هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪيو. جيڪڏهن صفحو ڊاٺو ويو آهي، ۽ اوهان ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ چاهيو ٿا ته جيئن مواد کي مستقبل جي حوالن لاءِ استعمال ڪجي ته رابطو ڪيو حذف ڪندڙ متنظم سان، جيڪڏهن اوهان اهو اڳئي ڪري چڪا آهيو ته پوءِ اوهان هتي درخواست ڏيو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:31, 24 ڊسمبر 2019 (UTC)