سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا طارق عزيز شيخ

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,976 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم--مھتاب-احمد ڳالھ 19:48, 17 جُولاءِ 2018 (UTC)

طارق عزيز شيخ سنواريو

طارق عزيز شيخ حيدرآباد شهر جي قديم پاڙي ٽنڊو آغا ۾ 19ڊسمبر 1971 تي سنڌ جي نامياري صحافي شيخ عزيز جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيٺ حافظ پرائمري اسڪول ڦليلي مان پرايائين جڏهن ته ميٽرڪ نور محمد هاء اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽر ميڊيٽ سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتائين جتان ايم اي ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم شاھ عبدللطيف ڀٽائي چيئر ۾ چئن ورهين تائين ريسرچ آفيسر رهيو ۽ بعد ۾ تدريس جي شعبي سان منسلڪ ٿي ويو. طارق عزيز شيخ علمي, ادبي ۽ صحافتي ڪيريئر حيدرآباد ۾ انٽرميڊيٽ جي ڏينهن کان ئي شروع ڪري ڇڏيو هو. حيدرآباد مان نڪرندڙ عبرت اخبار, ڪراچي جي هلال پاڪستان ۽ اردو اخبار حريت ۾ هن ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. عبرت گروپ جي پندرنهن وار عبرت مئگزين ۽ ھفتيوار سنڌو رسالي ۾ لڳاتار مضمون شايع ٿيندا هئس. 1990 ۾ هن ڪراچي مان جاري ٿيندڙ سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ پروف ريڊر, سب ايڊيٽر, اسٽاف رپورٽر, ادبي ۽ تعليم جي هفتيوار صفحن جو انچارج, ايڊيٽوريل صفحي جو ٻانهن ٻيلي رهيو. طارق عزيز شيخ روزاني ڪاوش, سنڌ, بختور ۽ عوامي فورم اخبار ۾ به صحافتي ۽ اشتهارن جي شعبي ۾ ڪم ڪيو. پندرنهوار نيوز مئگزين افيئر ۾ پڻ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. طارق عزيز شخ جو پهريون ڪتاب "سرها ساه پرين جا" 1994 ۾ شايع ٿيو جيڪو ڪهاڻين ۽ ڊائري ورقن تي ٻڌل هو. هن جو ٻيو ڪتاب 1999 ۾ " شاھ لطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر" تحقيق تي آهي جيڪو ساٿي محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان لکيائين. طارق عزيز شيخ جو ٽيون ڪتاب "سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو" 1994 ۾ شايع ٿيو جيڪو سي ايس يس جي امتحان لاء خاص تيار ڪيو ويو. طارق عزيز شخ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ لاتعداد مضمون ڪرنٽ افيئر, سياست, معاشيات ۽ ادب تي لکيا جيڪي ناميارين اخبارن جنگ, حريت, عبرت, عوامي آواز, ڪاوش, بختور, سنڌ, هلال پاڪستان, سوڀ ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن طارق عزيز شيخ (ڳالھ) 16:16, 15 آگسٽ 2018 (UTC)