طارق عزيز شيخ, حيدرآباد جي قديم علائقي ٽنڊو آغا ۾ 19 ڊسمبر 1971 تي سنڌ جي نامياري صحافي شيخ عزيز جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيٺ حافظ پرائمري اسڪول ڦليلي مان پرايائين جڏهن ته ميٽرڪ نور محمد هاء اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽر ميڊيٽ سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتائين جتان ايم اي ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم شاھ عبدللطيف ڀٽائي چيئر ۾ چئن ورهين تائين ريسرچ آفيسر رهيو ۽ بعد ۾ تدريس جي شعبي سان منسلڪ ٿي ويو. سال 2016ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي آرٽس فيڪلٽي جي سنڌي شعبي مان ايم فل ڪيائين. طارق عزيز شيخ علمي, ادبي ۽ صحافتي ڪيريئر حيدرآباد ۾ انٽرميڊيٽ جي ڏينهن کان ئي 1986ع کان شروع ڪري ڇڏيو هو. حيدرآباد مان نڪرندڙ عبرت اخبار, ڪراچي جي هلال پاڪستان ۽ اردو اخبار حريت ۾ هن ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. عبرت گروپ جي پندرنهن وار عبرت مئگزين ۽ ھفتيوار سنڌو رسالي ۾ لڳاتار مضمون شايع ٿيندا هئس. 1990 ۾ هن ڪراچي مان جاري ٿيندڙ سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ پروف ريڊر, سب ايڊيٽر, اسٽاف رپورٽر, ادبي ۽ تعليم جي هفتيوار صفحن جو انچارج, ايڊيٽوريل صفحي جو ٻانهن ٻيلي رهيو. طارق عزيز شيخ روزاني ڪاوش, سنڌ, بختور ۽ عوامي فورم اخبار ۾ به صحافتي ۽ اشتهارن جي شعبي ۾ ڪم ڪيو. پندرنهوار نيوز مئگزين افيئر ۾ پڻ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. طارق عزيز شخ جو پهريون ڪتاب "سرها ساه پرين جا" 1994 ۾ شايع ٿيو جيڪو ڪهاڻين ۽ ڊائري ورقن تي ٻڌل هو. هن جو ٻيو ڪتاب 1999 ۾ " شاھ لطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر" تحقيق تي آهي جيڪو ساٿي محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان لکيائين. ھن ڪتاب جو انگريزي ترجمو سال 2013ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران شايع ڪرايو ويو. طارق عزيز شيخ جو ٽيون ڪتاب "سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو" 1994 ۾ شايع ٿيو جيڪو سي ايس يس جي امتحان لاء خاص تيار ڪيو ويو. ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2019ع ۾ وڌايل بابن سان شايع ٿيو. طارق عزيز شخ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ لاتعداد مضمون ڪرنٽ افيئر, سياست, معاشيات ۽ ادب تي لکيا جيڪي ناميارين اخبارن , حريت, عبرت, عوامي آواز, ڪاوش, بختور, سنڌ, هلال پاڪستان, سوڀ ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.